لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي جماعت اسلامي جي مرڪز منصورہ آمد ٿي، جتي هن امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان سان اهم ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ايران آمريڪا مفاهيمت (هڪجهڙائي/معاهدي) کانپوءِ خطي جي موجوده صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.ٻنهي اڳواڻن ايران آمريڪا مفاهيمت کي خطي جي استحڪام ۽ امن لاءِ خوش آئند قرار ڏنو.امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان ايران آمريڪا مفاهيمت تي پاڪستان جي مخلصانه ڪردار کي ساراهيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران آمريڪا مذاڪرات ۽ ان حوالي سان حڪومتي قدمن تي امير جماعت اسلامي پاڪستان کي اعتماد ۾ ورتو.ملاقات ۾ امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان صوماليا ۾ ڦاٿل پاڪستانين جو معاملو به اٿاريو ۽ گهرو وزير کان مطالبو ڪيو ته حڪومت اتي ڦاٿل پاڪستانين جي فوري ۽ بحفاظت واپسي لاءِ پنهنجو اثرائتو سفارتي ڪردار ادا ڪري.ملاقات ۾ ملڪي معيشت جي بهتري ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي به تفصيلي گفتگو ٿي.امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايران آمريڪا مفاهيمت جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو، سڄي خطي ۾ پائيدار امن جو رستو هموار ٿيو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن لاءِ ناقابلِ فراموش ڪردار ادا ڪيو، خطي ۾ ڇڪتاڻ (ڪشيدگي) جي خاتمي جو ڪريڊٽ پاڪستان کي وڃي ٿو، الله تعاليٰ جي حضور ٻانهون ٻڌي شڪرگذار آهيون ته اسان جي حقير ڪوششن کي قبول فرمايائين.










