بنون (ويب ڊيسڪ) بنون جي علائقي ڊوميل ڪاشو پل جي ويجهو 4 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.پليس موجب چئني ڄڻن کي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ لاش ڪاشو پل جي ويجهو اڇلائي ڇڏيا.موت جو شڪار ٿيندڙن ۾ پيءُ، ٻه پٽ ۽ هڪ ڀائٽيو شامل آهن، جڏهن ته چئني ڄڻن جا لاش خليفا گلنواز ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن کي به جلد کان جلد ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.










