جي بي چونڊون، نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، پ پ 2 ۽ 1 سيٽ تي آزاد ڪامياب

جي بي چونڊون، نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، پ پ 2 ۽ 1 سيٽ تي آزاد ڪامياب

اسڪردو(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو به جاري آهي. گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مجموعي طور تي 403 اميدوارن حصو ورتو. هينئر تائين حاصل ٿيل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي کي 2 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ٿي آهي جڏهن ته هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو آهي.گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن لاءِ مختلف پولنگ اسٽيشنن تي صبح کان ئي ووٽرن جو رش رهيو ۽ ماڻهو ووٽ وجهڻ لاءِ وڏين قطارن ۾ بيٺا رهيا. پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي.
هينئر تائين مليل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا:
تڪ جي بي اي 1 (گلگت 1): 80 پولنگ اسٽيشنن مان 68 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو امجد حسين 9271 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو محمد شفيق الدين 4907 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 2 (گلگت 2): 91 پولنگ اسٽيشنن مان 27 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو حفيظ الرحمان 4129 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو جميل احمد 2695 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 3 (گلگت 3): 82 پولنگ اسٽيشنن مان 46 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو محمد اقبال 5303 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته آزاد اميدوار سيد سهيل عباس 4088 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 4 (نگر 1): سمورن 53 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو محمد علي اختر 7530 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اسلامي تحريڪ پاڪستان جو محمد ايوب وزيري 6491 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ جي بي اي 5 (نگر 2): 32 پولنگ اسٽيشنن مان 15 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار جهانگير شاهه 1108 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو جاويد علي منوا 838 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 6 (هنزہ): 88 پولنگ اسٽيشنن مان 77 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار نيڪ نام ڪريم 5612 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو امتياز الحق 4540 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 7 (اسڪردو 1): سمورن 31 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيد توقير مهدي 4337 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته استحڪامِ پاڪستان پارٽي جو راجا جلال حسين خان 3891 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ جي بي اي 8 (اسڪردو 2): 70 پولنگ اسٽيشنن مان 24 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيد محمد علي شاهه 3746 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته مجلس وحدت مسلمين پاڪستان جو محمد ڪاظم 3265 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 9 (اسڪردو 3): 54 پولنگ اسٽيشنن مان 40 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار وزير محمد سليم 4915 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو فدا محمد ناشاد 4890 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 10 (اسڪردو 4): 51 پولنگ اسٽيشنن مان 9 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، مجلس وحدت مسلمين پاڪستان جو مشتاق حسين 1059 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو ناصر علي خان 947 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 11 (کرمينگ): 51 پولنگ اسٽيشنن مان 11 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو اقبال حسن 1607 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته آزاد اميدوار شجاعت حسين 897 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 12 (شگر): 71 پولنگ اسٽيشنن مان 35 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو عمران نديم 6367 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته اسلامي تحريڪ پاڪستان جو راجا محمد اعظم خان 3679 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 13 (استور 1): 57 پولنگ اسٽيشنن مان 36 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو رانا فرمان علي 4368 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته آزاد اميدوار شاهده 4312 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 14 (استور 2): 51 پولنگ اسٽيشنن مان 35 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو رانا محمد فاروق 4300 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته استحڪامِ پاڪستان پارٽي جو شمس الحق لون 3865 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 15 (ديامر 1): 51 پولنگ اسٽيشنن مان 11 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار محمد دلپزير 1426 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته جمعيت علمائي اسلام (ف) جو ولي الرحمان 996 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 16 (ديامر 2): 42 پولنگ اسٽيشنن مان 8 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، استحڪامِ پاڪستان پارٽي جو عتيق الله 1302 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو محمد انور 1069 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 17 (ديامر 3): 46 پولنگ اسٽيشنن مان 11 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو محمد نسيم 2244 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته جے يو آئي (ف) جو رحمت خالق 1128 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 18 (ديامر 4): 32 پولنگ اسٽيشنن مان 28 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪفايت الرحمان 4068 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته استحڪامِ پاڪستان پارٽي جو گلبر خان 3736 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 19 (غذر 1): 78 پولنگ اسٽيشنن مان 30 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ظفر محمد 3320 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته آزاد اميدوار نواز خان ناجي 3017 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 20 (غذر 2): 69 پولنگ اسٽيشنن مان 25 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار صفدر علي شيرازي 2827 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو نذير احمد 2713 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 21 (غذر 3): 60 پولنگ اسٽيشنن مان 30 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار امان علي 5169 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو غلام محمد 3195 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 22 (گهانچي 1): سمورن 58 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو محمد ابراهيم ثنائي 9308 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو عاشق حسين 8052 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ جي بي اي 23 (گهانچي 2): 50 پولنگ اسٽيشنن مان 31 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار انور علي 7838 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته آزاد اميدوار عبدالحميد 876 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 24 (گهانچي 3): سمورن 46 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب، آزاد اميدوار اسد شفيق 8092 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو محمد اسماعيل 5072 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.”

پهنجو تبصرو موڪليو