وزيرستان (ويب ڊيسڪ) وزيرستان ۾ فائرنگ سبب قبائلي اڳواڻ جا 2 پٽ مارجي ويا.
تفصيلن موجب، وانا ڪڙي ڪوٽ بازار ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ قبائلي اڳواڻ جا ٻه پٽ مارجي ويا.
پوليس موجب، فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ راهه ويندڙ (پيادل شخص) زخمي به ٿيو آهي، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ڊي ايس پي اصغر علي شاهه ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.










