ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عدالت 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس سميت ٻين 15 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، عدالت جن ماڻهن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جو مرڪزي جوابدار سڪيش چندر شيخر، ان جي گهرواري لينا ماريا پال، پنڪي ايراني، دپڪ رمناني سميت ٻيا شامل آهن. نئين دهلي جي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ثبوتن جي بنياد تي سمورن جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ جي روڪٿام واري قانون تحت مقدمو هلائڻ لاءِ بظاهر (پهرين نظر ۾) ڪافي مواد موجود آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سمورن جوابدارن کي 3 جون تي طلب ڪري ورتو. رپورٽ موجب، جيڪولين فرنينڊس جو نالو گذريل ڪجهه سالن کان سڪيش چندرشير خلاف جاري مني لانڊرنگ جي جاچ ۾ سامهون اچي رهيو آهي، انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ (ED) ڪيترائي ڀيرا اداڪاره کي طلب ڪري پڇا ڳاڇا ڪري چڪي آهي. جاچ موجب، سڪيش چندر شيخر تي الزام آهي ته هن مختلف ماڻهن کان ڪروڙين رپين جي ڀتہ خوري (ڳڙڪائڻ) ۽ مالي فراڊ ذريعي رقم حاصل ڪئي. ڀارتي اختيارين جو الزام آهي ته جيڪولين فرنينڊس سڪيش چندر شيخر کان قيمتي تحفا ۽ مالي فائدا حاصل ڪيا هئا.”










