مينگل جي گهر تي ڇاپي جي مذمت، بلوچستان ۾ سول مارشلا آهي

مينگل جي گهر تي ڇاپي جي مذمت، بلوچستان ۾ سول مارشلا آهي

خضدار(ويب ڊيسڪ)بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي قيادت خضدار پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي بي اين پي جي اڳوڻي ايم اين اي مير عبدالرئوف مينگل ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي گهرن تي سيڪيورٽي فورسز جي ڇاپن جي سخت مذمت ڪئي آهي۔
بي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي مير عبدالروف مينگل، سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر لعل جان بلوچ، سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ميڊم رشيده مينگل، مير خليل الرحمان موسياني ۽ مير منير احمد ساسولي سميت ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي.
مير عبدالروف مينگل چيو ته ايف سي، اي ٽي ايف ۽ سي ٽي ڊي جا درجنين اهلڪار 15 گاڏين جي قافلي سان گڏ 13 مئي جي صبح سوير سندس گهر ۾ داخل ٿيا ۽ چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪيو۔ هن چيو ته هڪ ڪلاڪ تائين گهر جي سڀني ڀاتين کي يرغمال بڻايو ويو۔
هن چيو ته جڏهن هڪ اڳوڻي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر جو گهر محفوظ ناهي ته پوءِ عام شهرين جو گهر ڪيئن محفوظ ٿي سگهي ٿو۔ هن اهڙي رويي کي قابل مذمت قرار ڏيندي چيو ته ان سان رياست کي فائدي بدران عوام ۾ نفرت وڌندي۔
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ عملي طور سول مارشل لا جهڙي صورتحال آهي۔ يونيورسٽين جا شاگرد، عورتون ۽ بزرگ به محفوظ ناهن۔ گذريل ڏينهن سامونڊي علائقي ۾ فورسز جي ڪارروائي دوران ڪيترائي بيگناهه مزدور مارجي ويا۔ هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙين ڪاررواين سان رياست کي ڪو فائدو پهچي رهيو آهي؟
مير عبدالروف مينگل چيو ته بلوچستان ۾ نفرت جي سطح اڳ ڪڏهن به ايتري بلند نه هئي۔ هن چيو ته هو ٻه ڀيرا هتان ايم اين اي چونڊيو ويو، پهريون ڀيرو 25 هزار ۽ ٻيو ڀيرو 37 هزار ووٽ حاصل ڪيائين۔ هن چيو ته هو بي اين پي جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ۽ خضدار جي 15 لک عوام جو نمائندو آهي ۽ عالمي فورمن تي بلوچستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي۔
هن چيو ته خضدار جهالاوان جو دل ۽ مرڪز آهي، جتي 300 کان وڌيڪ ماڻهن شهادت ماڻي۔ حاجي عطاالله محمد زئي، حاجي عبدالقادر، چيف عطاالله بلوچ، ڊاڪٽر منظور احمد ۽ عبداللطيف شاهواني جهڙا ماڻهو شهيد ڪيا ويا۔
هنن آل پارٽيز شهري ايڪشن ڪميٽي خضدار کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي۔ پريس ڪانفرنس دوران اهو به چيو ويو ته خضدار ۾ هڪ سال کان انٽرنيٽ بند آهي، جنهن سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي۔ لائبريريون ۽ آن لائن ڪلاسز موجود هجڻ باوجود انٽرنيٽ جي کوٽ شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهي۔
اڳواڻن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته انٽرنيٽ بندش ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف پنهنجن بلدياتي فورمن تي قانون پاس ڪن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو