اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻار فوت

اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻار فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) شهر قائد ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي هڪ ٻيو گهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. موٽرسائيڪل سوار هڪ ڇوڪرو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب، هي افسوسناڪ واقعو احسن آباد سپر هاءِ وي جي ويجهو پيش آيو، فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ يمن الحق جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي عمر 16 سال هئي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي کان فوري بعد فوت ٿيل ٻار کي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو