اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي نازڪ توانائي سپلاءِ چين کي هڪ ٻيو وڏو واڌارو مليو جڏهن قطر کان آيل ايل اين جي ٽينڪر “فورٽريس” حساس آبنائي هرمز پار ڪري پاڪستاني علائقائي پاڻين ۾ داخل ٿيو.
ايل اين جي ٽينڪر ”فورٽ” جي اڄ (اڱارو) يا سڀاڻي (اربع)، يعني 26 يا 27 مئي 2026 تي اينگرو ايل اين جي ٽرمينل تي لنگر انداز ٿيڻ جي اميد آهي. پاڪستان جي پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن تصديق ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻيو ايل اين جي جهاز به پهچڻ وارو آهي، جيڪو پاڪستان گئس پورٽ ڪنسورشيم لميٽيڊ (پي جي پي ايل) ٽرمينل تي لنگر انداز ٿيندو.










