پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽروليم ڊويزن جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 6.80 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، هن گهٽتائي کان پوءِ، پيٽرول جي نئين قيمت 403.78 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 402.78 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب، نئين قيمتون رات 12 وڳي کان هڪ هفتي لاءِ لاڳو ٿينديون.ياد رهي ته گذريل جمعي تي، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو