تهران (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران پهتو جتي هن پنهنجي ايراني هم منصب اسڪندر مومني سان ملاقات ڪئي.ايراني ميڊيا موجب، محسن نقوي ۽ ايراني گهرو وزير جي وچ ۾ ملاقات ۾ ايران-پاڪستان لاڳاپن ۽ امن ڳالهين جي بحالي جي امڪان تي بحث ڪيو ويو.ايراني ميڊيا موجب، ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ تازي علائقائي صورتحال سميت باهمي دلچسپي جي معاملن تي بحث ڪيو ويو.ايراني وزير داخلا علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي.ايراني ميڊيا موجب، ايراني وزير داخلا آمريڪا سان تڪرار حل ڪرڻ لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.










