پنڊيز کي لاهور جي 32 رنز تان شڪست

پنڊيز کي لاهور جي 32 رنز تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وڏي ٽارگيٽ لاءِ پنڊيز جي ٽيم جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر سندس ٻئي اوپنر شاهزيب خان 7 رنز ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي آصف علي هٿان ڪيچ ٿيو۽ محمد رضوان 9 رنز ٺاهي ساڳئي اوور ۾ ايل بي ڊبليو ٿيو، امپائر آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿيو. جنهن بعد ياسر خان ۽ ڊيرل مچل اسڪور اڳتي وڌايو، ياسر خان زبردست شاٽ کيڏندي 24 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي پر مچل 11 رنز تي حارث رئوف جي بال تي اسامه مير هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ياسر جو ساٿ ڏيڻ سيم بلنگز آيو. حارث رئوف ساڳئي اوور ۾ ياسر خان کي به فخر هٿان ڪيچ ڪرائي ٻئي وڪيٽ ورتي. پنڊيز جون 89 تي 4 وڪيٽون ڪري پيون. سيم بلنگز 7 رنز ٺاهي سڪندر رضا جي بال تي اسٽمپ آئوٽ ٿيو. جنهن بعد فوريسٽر 8 رنز ٺاهي اسامه جي گگلي تي بولڊ ٿيو، 111 تي 6 وڪيٽون ڪري پيون. اسامه مير ڪول ميڪ ڪونچي کي 3 رنز تي ايل بي ڊبليو ڪيو.رضا ءُ الله 5 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. سعد مسعود 21 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. آخري اوور م حارث رئوف کي چوڪو هنيو ۽ ان بعد بولڊ ٿي ويو، آخري بال آصف آفريدي کيڏيو ۽ چوڪو هنيو. پنڊيز 20 1وورن 9 وڪيٽن تي 178 رنز ٺاهيون ۽ 32 رنز تان ميچ هارائي وئي. ان کان اڳ پي ايس ايل جي 27 هين ميچ ۾ لاهور ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. فخرالزمان ۽ محمد فاروق اننگ اوپن ڪئي ۽ جارحاڻي راند کيڏندي ٻنهي ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ 121 رنز جي پارٽنرشپ بعد فاروق 5 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 63 رنز ٺاهي پنڊيز جي محمد عامر جي بال تي ڊايان فوريسٽر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عبدالله شفيق فخر جو ساٿ ڏنو ۽ هن به جارحاڻي راند جاري رکي. عبدالله شفيق ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 26 رنز ٺاهي رضاءُ الله جي بال تي سعد مسعود هٿان ڪيچ ٿيو. فخر 54 بالن تي 11 چوڪا ۽ هڪ چڪو هڻي 84 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي ڊيان فوريسٽر هٿان ڪيچ ٿيو. سڪندر رضا بنا رن ٺاهڻ جي رضا ءُ الله جي بال تي ڪيپر سيم بلنگز هٿان ڪيچ ٿيو. آصف علي 8 ۽ چيرٿ اسلانڪا هڪ رن تي ناٽ آئوٽ رهيا. لاهور 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنز ٺاهيون

پهنجو تبصرو موڪليو