وڌيڪ پاڻي هجڻ باوجود به 15 سيڪڙو کوٽ جو اعلان ڇو؟

وڌيڪ پاڻي هجڻ باوجود به 15 سيڪڙو کوٽ جو اعلان ڇو؟

ليکڪ: نصير ميمڻ
انڊس رور سسٽم اٿارٽي(ارسا) هن خريف جي موسم ۾ انڊس رور سسٽم ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ جو اعلان ڪيو آهي. ارسا جي صلاحڪار ڪميٽي اهو فيصلو ان وقت ڪيو، جڏهن اپريل جي پهرين هفتي ۾ ذخيرن (ڊيمز) ۾ پاڻي پنجن سالن جي بلند ترين سطح تي هو. هن سال درياهن ۽ ڊيمز ۾ پاڻي جي دستيابي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي، جڏهن اپريل 2025 ۾ سخت سڪاڻ سبب ارسا کي 43 سيڪڙو کوٽ جو اعلان ڪرڻو پيو هو. ان مهيني ارسا کي پاڻي کي رڳو پيئڻ جي ضرورتن تائين محدود ڪرڻو پيو هو.
ان کان اڳ مارچ 2025 ۾ موسميات کاتي ڪيترن ئي ضلعن (سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب) ۾ سڪاڻ جي خبرداري ڏني هئي. سنڌ جي بيراجن ۾ خريف جي شروعاتي اهم مرحلي دوران 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر اعتراض ڪيو ته جڏهن سنڌ ۾ فصلن کي پاڻي جي سخت ضرورت هئي، تڏهن پنجاب جي جهلم-چناب زون لاءِ سنڌو سان لاڳاپيل ٻن لنڪ ڪينالن کي هلائڻ صحيح نه هو. سنڌ ۾ خريف پوک جلد شروع ٿئي ٿي، ۽ مارچ ۽ اپريل ۾ پاڻي جي کوٽ ڪپهه، ڪمند، انبن ۽ ڀاڄين تي، خاص ڪري هيٺين سنڌ ۾، اثر انداز ٿئي ٿي.
خريف موسم مضبوط پاڻيءَ جي ذخيري سان شروع ٿي آهي، پر پوءِ به اڳتي هلي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہتربيلا ڊيم جي ٽنل-5 تي ڪم ۾ دير سبب پاڻي جو وهڪرو 150,000 ڪيوسڪ تائين محدود ٿي ويو آهي. هي منصوبو اصل ۾ جون 2025 تائين مڪمل ٿيڻ وارو هو، پر هاڻي ان جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ آگسٽ 2027 تائين وڌائي وئي آهي. ان سبب مئي ۽ جون ۾ تربيلا مان نڪرندڙ پاڻي متاثر ٿي سگهي ٿو.
هن سال اولهه کان ايندڙ موسم واري نظام برساتون آنديون، جنهن سبب ذخيرن ۾ پاڻي وڌيو. گذريل سال مارچ جي ابتڙ، جڏهن تربيلا ۽ منگلا ديمز مرده سطح تائين پهچي ويا هئا، هن سال ٻنهي ڊيمز ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي داخل ٿيو ۽ پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذخيرو ٿيو. تربيلا ۾ گذريل پنجن سالن جي اوسط جي ڀيٽ ۾ 385 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي رڪارڊ ٿيو. اپريل جي پهرين هفتي ۾ غير متوقع برساتن هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ وڌايوڪابل درياهه پڻ سنڌو ۾ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو، جنهن اپريل جي پهرين هفتي ۾ 56,000 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو، جڏهن⁠تہ گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ اهو 18,000 ڪيوسڪ هو.
هن مهيني سنڌ ۾ غير موسمي موسم ڏسڻ ۾ آئي آهي. مارچ مهينو سڄي ملڪ ۾ عام مهينن کان 14 سيڪڙو وڌيڪ برسات سان نمي وارو رهيو. مارچ جي ٻي اڌ ۾ ڪيترائي وچولي کان تيز برساتي سلسلا آيا. بلوچستان ۾ به سٺيون برساتون ٿيون، جنهن سان مڪران جي علائقي جا ڪيترائي ڊيم ڀرجي ويا ۽ ڊگهي خشڪ دور جو خاتمو ٿيو. مجموعي طور سنڌ ۾ 129 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، جنهن کان پوءِ بلوچستان (60 سيڪڙو) ۽ گلگت-بلتستان (28 سيڪڙو) آهن.
اپريل ۾ سنڌ ۾ غير معمولي موسمي حالتون ڏٺيون ويون. ڪيترن شهرن ۾ هڪ ڏينهن جي برسات جا رڪارڊ ٽٽي ويا. 3 اپريل تي ڪراچي ۾ 38.7 ملي ميٽر برسات ٿي، جيڪا 2 اپريل 1985 جي 37 ملي ميٽر رڪارڊ کان به وڌيڪ هئي. دادو ۾ 24 ڪلاڪن دوران 23 ملي ميٽر برسات ٿي، جيڪا 14 اپريل 2017 جي 22 ملي ميٽر کان وڌيڪ هئي.
اپريل کان جون تائين جي عرصي لاءِ اڳڪٿي ڏيکاري ٿي ته ملڪ ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ٿيندي. گلگت-بلتستان، خيبر پختونخوا، اتر بلوچستان ۽ اوڀر سنڌ ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻين علائقن ۾ به معمول کان ٿوري وڌيڪ برسات ٿيڻ جو امڪان آهي.
گرمي پد پڻ عام کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. اپريل کان جون دوران سڄي ملڪ ۾ سراسري گرمي پد وڌيل رهندو، خاص ڪري گلگت-بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اتر خيبر پختونخوا ۾. سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ به گرمي معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن⁠تہ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿي. بلوچستان جي مڪراني سامونڊي علائقن ۾ به تمام گهڻي گرمي پئجي سگهي ٿي.
گلگت-بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي مٿاهين علائقن جي موسم سنڌو درياهه ۽ ان جي شاخن ۾ اونهاري جي پاڻيءَ جي وهڪري تي اثرانداز ٿيندي آهي. فيبروري جي شروعات ۾ گلگت-بلتستان ۾ گرمي پد معمول کان 3 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو. 1987 کان 2013 تائين هتي گرمي پد لڳ ڀڳ 0.6°C وڌيو آهي. گذريل مهيني جي آخر تائين سياري ۾ برفباري گذريل ٻن ڏهاڪن جي سالياني اوسط کان 30 سيڪڙو گهٽ رهي. دير سان ۽ گهٽ برف جيڪا وڌيڪ گرمي جي سامهون هوندي، اها تيزي سان ڳرندي، جنهن سبب برفاني ڍنڍن جي اوچتي ٻوڏن (GLOFs) جو خطرو وڌي ويندو، خاص ڪري گلگت، هنزه، غذر، استور، بنجي ۽ چلاس جهڙن علائقن ۾. اهڙيون ٻوڏون ۽ تيز برف ڳرڻ سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي وهڪري کي وڌائينديون.
هاڻي مون سون بابت حتمي راءِ ڏيڻ اڳاٽي آهي، پر اشارا ڏيکارين ٿا ته هن سال وڌيڪ برساتن سان ڀرپور اونهارو ۽ مون سون دوران درياهن ۾ وڌيڪ پاڻي وهندو. اختيارين کي گهرجي ته ممڪنه مشڪل مون سون کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ قدم کڻن. (ليکڪ ايس ڊي پي آءِ ۾ پاڻي جي حڪمراني بابت سينيئر صلاحڪار آهي، هي مضمون اڄوڪي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو ۽ اسين سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا.)

پهنجو تبصرو موڪليو