فول پروف سيڪيورٽي، ايران ۽ آمريڪا ۾ ڳالهين لاءِ انتظام مڪمل

فول پروف سيڪيورٽي، ايران ۽ آمريڪا ۾ ڳالهين لاءِ انتظام مڪمل

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي خميس ڏينهن پاڪستان ۾ آمريڪي سفير نٽالي بيڪر کي يقين ڏياريو ته هن هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ وارين آمريڪا-ايران ڳالهين کان اڳ سڀني پرڏيهي معززن لاءِ مڪمل ۽ فول پروف يعني بي عيب سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي۔
پاڪستان ڇنڇر ڏينهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سڌي ريت ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ وارو آهي، جيڪي ٻن هفتن جي جنگبندي اعلان ٿيڻ کان پوءِ ٿي رهيون آهن، جنهن 28 فيبروري تي شروع ٿيل تڪرار کي عارضي طور روڪي ڇڏيو آهي۔
گهرو کاتي جي بيان موجب آمريڪي سفير سان ملاقات دوران، نقوي کيس سيڪيورٽي انتظامن بابت آگاهي ڏني ۽ چيو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، وچ اوڀر لاءِ آمريڪي نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر “اسان جا خاص مهمان” آهن.
وزير چيو ته: “هر لحاظ کان سڀني پرڏيهي مهمانن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.”
آمريڪي سفير ملاقات دوران پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي ساراهيو۔
ان دوران، اسلام آباد پوليس X تي جاري ڪيل ٽرئفڪ هدايت ۾ چيو ته “پرڏيهي وفدن جي اچ وڃ” سبب ايڪسپريس هاءِ وي تي ٽرئفڪ کي موڙيو ويندو، ۽ مسافرن کي هدايت ڪئي وئي ته پنهنجي سفر جي اڳواٽ رٿابندي ڪن۔
هدايتنامي ۾ شهرين کي ٽرئفڪ پوليس سان تعاون ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي۔
هڪ ڏينهن اڳ، ذريعن ٻڌايو ته 30 ميمبرن تي مشتمل آمريڪي اڳواٽ ٽيم اڳ ئي اسلام آباد پهچي چڪي آهي ته جيئن سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺي سگهي۔
اختيارين خميس ۽ جمعي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻه مقامي موڪلن جو پڻ اعلان ڪيو ته جيئن ڳالهين دوران سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ صورتحال جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي، سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسن کي شامل ڪندي جامع حفاظتي قدم کنيا ويا آهن۔
ذريعن موجب، ريڊ زون اندر هڪ هوٽل به وفدن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ حڪومتي هدايتن تي خالي ڪرايو ويو آهي، جتي ۽ ان جي آس پاس سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي۔
ان دوران، سڀئي سرڪاري ريسڪيو کاتا ۽ اسپتالون به هاءِ الرٽ تي رکيا ويا آهن، ۽ کين عملي ۽ ضروري سامان جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
اربع ڏينهن ٻٽن شهرن ۾ ڪيترن ئي گڏجاڻين جو به اهتمام ڪيو ويو، جتي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ ڏينهن لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪيون ويون۔ ذريعن وڌيڪ چيو ته وفدن جي رهائش دوران ريڊ زون مڪمل طور بند رهندو۔
ان کان علاوه، فيصل ايونيو کان شروع ٿيندڙ هاءِ سيڪيورٽي علائقو به وفدن جي صورتحال مطابق بند ڪيو ويندو۔ ڪجهه داخلي رستا به بند ڪيا ويندا.
ذريعن مطابق، وفدن جي اچ وڃ، رهائش ۽ ملاقاتن دوران بليو بُڪ تحت VVIP پروٽوڪول لاڳو ڪيو ويندو۔
آمريڪا-ايران ڳالهيون
اهي اڳڀرائيون ان کان پوءِ سامهون آيون جڏهن ايران جي صدر مسعود پزشڪيان تصديق ڪئي ته تهران اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪرايل امن ڳالهين ۾ حصو وٺندو ته جيئن تڪرار جو پرامن حل ڳولي سگهجي۔
آمريڪا به اربع ڏينهن ڳالهين ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي، جتي وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوِٽ چيو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ هڪ وفد موڪلي رهيو آهي جنهن جي اڳواڻي جي ڊي وينس ڪندو، ۽ ان ۾ وٽڪوف ۽ ڪشنر به شامل هوندا، جڏهن ته “پهريون دور” ڇنڇر تي ٿيندو۔
گذريل هفتن دوران، پاڪستان اهم علائقائي ملڪن سان صلاح مشورا ڪيا، تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ پس پرده رابطا برقرار رکيا، ۽ بيجنگ سان ويجهڙائي سان ڪم ڪيو ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ جنگبندي، ڳالهين ۽ اهم ڍانچن جي حفاظت شامل آهي۔
ملڪ جي انهن سفارتي ڪوششن جو نتيجو اربع ڏينهن ٻن هفتن جي جنگبندي جي صورت ۾ نڪتو، جنهن جو اعلان وزيراعظم شهباز شريف ايران کي معاهدو ڪرڻ ۽ هورموز کولڻ لاءِ ڏنل آخري مهلت ختم ٿيڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ ڪيو۔
ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ ايران جي سفير ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته ايران جو وفد اڄ شام تائين اسلام آباد پهچي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو