ضلعي انتظاميا پاران عوام لاءِ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا

ضلعي انتظاميا پاران عوام لاءِ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا

ميرپورماٿيلو (ظھير وسير) اٽي جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي جي عوام کي 40 روپيا في ڪلو سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم جي هدايتن تحت گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، خانپور مهر، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ مقامي فلور ملز جي تعاون سان لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني هيٺ سسٽي اٽي جا اسٽال قائم ٿيل آهن جتان گذريل ڏيڍ مهيني دوران ضلعي واسين پاران 14 هزار 260 مڻ اٽو خريد ڪيو ويو آهي اهڙي ريت سستي اٽي جي مد ۾ عوام کي 85 لک 56  هزار روپين جو فائدو پهتو جڏهن ته ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ۾ شوگر ملز جي تعاون سان سستي کنڊ جا اسٽال پڻ قائم ٿيل آهن جتي عوام کي 65 روپيا في ڪلو جي حساب سان کنڊ فراهم ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته مارڪيٽ ۾ عام طور تي اٽو 65 کان 70 روپيا في ڪلو ۽ کنڊ 75 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته يوٽلٽي اسٽورن تي به کنڊ جي قيمت 68 روپيا في ڪلو مقرر ٿيل آهي اهڙي ريت ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل سستي اٽي ۽ کنڊ جي اسٽالن تحت عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته انتظاميه پاران هڪ مهيني دوران عام واهپي جي شين جا من پسند اگهه وصول ڪندڙ دوڪاندارن کان هڪ لک 74 هزار روپيا ڏنڊ پڻ وصول ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو