وزيراعظم جي ايراني صدر کي سفارتي ڪوششن بابت آگاهي

وزيراعظم جي ايراني صدر کي سفارتي ڪوششن بابت آگاهي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف ڇنڇر ڏينهن هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ٽيليفون ڪال دوران ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن ڳالهين بابت پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو۔
پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي واري عمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو ترڪي ۽ مصر سان گڏجي هلائي رهيو آهي۔
وزيراعظم آفيس (PMO) جي بيان موجب، وزيراعظم اڄ اڳ ۾ پز شڪيان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ “تفصيلي ڳالهه ٻولهه دوران، جيڪا هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي، ٻنهي اڳواڻن علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ امن جي ڪوششن بابت وسيع خيال ونڊيا.”
وزيراعظم ايراني صدر کي انهن سفارتي رابطن بابت پڻ آگاهه ڪيو، جيڪي هو پاڻ، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيراسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منيرگڏجي آمريڪا، خليجي ۽ اسلامي ملڪن سان ڪري رهيا آهن ته جيئن “امن ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهجي.”
هن ايراني صدر کي پاڪستان جي امن اپائن جي “مضبوط حمايت” بابت پڻ بريفنگ ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪو مؤثر رستو ڳولي سگهجي ٿو۔
بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف ايران خلاف جاري اسرائيلي حملن، خاص طور تي ڪالهه شهري ڍانچي تي ٿيل تازن حملن جي سخت مذمت ٻيهر ورجائي۔ هن چيو ته پاڪستان “انهن ڏکين حالتن ۾ ايران جي بهادر عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت” ڪري ٿو۔
وزيراعظم 1900 کان وڌيڪ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پزشڪيان وزيراعظم جي مخلص سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ايران خلاف اسرائيل جي جاري ڪارروائين بابت پنهنجو موقف بيان ڪيو۔
بيان موجب: “هن ڳالهين ۽ ثالثي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اعتماد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان حوالي سان امن لاءِ پاڪستان جي حمايتي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.”
وزيراعظم ايراني صدر جو شڪريو ادا ڪندي يقين ڏياريو ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو۔
پاڪستان 29 کان 30 مارچ تائين سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي ميزباني ڪرڻ وارو آهي، جتي مختلف معاملن سميت ايران خلاف آمريڪي-اسرائيلي جنگ جي پسمنظر ۾ علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت “تفصيلي ڳالهيون” ڪيون وينديون۔

پهنجو تبصرو موڪليو