اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)صدر آصف علي زرداري خميس ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ايران خلاف جاري آمريڪا-اسرائيل جنگ مان پيدا ٿيندڙ علائقائي چئلينجن جي روشني ۾ قومي اتفاق راءِ ۽ ادارتي هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏنو ويو۔
صدر جي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾وسيع علائقائي صورتحال تي به غور ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي، معاشي منظرنامي ۽ خوراڪ جي سلامتي تي ان جا اثر شامل هئا۔ اجلاس زور ڏنو ته قومي سطح تي گڏيل ردعمل ضروري آهي، ۽ پاليسي فيصلا استحڪام کي ترجيح ڏيندي عوام جي مفادن جي حفاظت ڪن۔
بيان ۾ چيو ويو: “اجلاس ۾ زور ڏنو ويو ته نون علائقائي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي قومي اتفاق راءِ برقرار رکڻ ۽ ادارتي هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي۔ اهو به اتفاق ڪيو ويو ته معاشي انتظام، توانائي منصوبه بندي، خوراڪ جي سلامتي ۽ وسيع سيڪيورٽي معاملن کي ويجهو ۽ هم آهنگ رکيو وڃي ته جيئن هن مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.”
بيان ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽن ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي پس منظر ۾ ترقي ڪندڙ معاشي ۽ توانائي صورتحال جو جائزو ورتو، گڏوگڏ علائقائي سيڪيورٽي حالتن تي به بحث ڪيو ويو۔
بيان موجب، اجلاس عالمي تيل ۽ گئس جي فراهمي ۽ قيمتن ۾ لاهن چاڙهنَ جو پاڪستان جي معيشت تي اثر جو به جائزو ورتو، خاص طور تي مهانگائي جي دٻاءَ کي سنڀالڻ ۽ توانائي جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو۔
“ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن اجلاس کي جاري قدمن بابت بريفنگ ڏني، جنهن ۾ پيٽروليم جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ، وڌندڙ تيل جي قيمتن جا ٻين معاشي شعبن تي اثر سنڀالڻ، ۽ خرچن جي دٻاءَ کي گهٽائڻ لاءِ سخت مالي نظم (بچت اپاءَ) لاڳو ڪرڻ شامل آهن.”
اجلاس عوامي آگاهي جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن تيل جي استعمال کي گهٽايو وڃي، پبلڪ ٽرانسپورٽ جو استعمال وڌايو وڃي ۽ گڏيل سواري (شيئرڊ رائيڊ) نظام کي فروغ ڏنو وڃي۔










