اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس منظم ڏوهاري ٽولن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ۽ پنج ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب، ڪار چوري جي ڪيسن ۾ گهربل هڪ منظم ٽولي جي پنجن ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ترجمان ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن کان چوري ٿيل گاڏي، چوري ٿيل موبائل فون ۽ پئسا هٿ ڪيا ويا آهن.ڊي آءِ جي اسلام آباد جواد طارق جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي سزا ڏيڻ لاءِ سڀئي قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون. هن اهو به چيو ته منظم ۽ سرگرم گروهن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.










