ٽيڪس چوري خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي: مراد شاهه

ٽيڪس چوري خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ريونييو بورڊ (ايس آر بي) جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ۽ هڪ ڏکي دور کانپوءِ مالي سال 26-2025 ۾ صوبي جي مالي بحالي ۾ ان جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪيو. جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته ايس آر بي ريونييو ۾ نمايان واڌ حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ بقايا جات جي ريڪارڊ وصولي به شامل آهي جنهن جي ڪري هي ادارو سنڌ جي مالي استحڪام جو هڪ اهم ٿنڀو بڻجي سامهون آيو آهي. هن ايس آر بي کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي، ٽيڪس چوري خلاف ڪارروائي کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڊجيٽل سڌارن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ته جيئن ريونييو وصولين ۾ تازي اڳڀرائي کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ شفافيت ۾ اضافو ٿئي. ايس آر بي جي چيئرمين ٻڌايو ته فيبروري 2026 ۾ اداري ريونييو ۾ نمايان واڌ ريڪارڊ ڪئي، جنهن جو وڏو سبب ڊگهي ۽ مسلسل ڪوششن کانپوءِ بقايا جات جي مد ۾ 9.5 ارب رپين جي غير معمولي وصولي هئي. فيبروري 2026 ۾ مجموعي اوڳاڙي 34.86 ارب رپيا رهي جيڪا فيبروري 2025 ۾ گڏ ٿيل 24.664 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ کان فيبروري تائين مجموعي اوڳاڙي 225.653 ارب رپيا رهي جيڪا گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ گڏ ٿيل 182.605 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، چيئرمين سنڌ ريونييو بورڊ واصف ميمڻ، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿر ڪول انرجي بورڊ طارق علي شاهه، اسپيشل سيڪريٽري مالي اصغر ميمڻ، معاشي ماهر اسد سعيد، ايس آر بي جو ڪنسلٽنٽ مشتاق ڪاظمي ۽ مالياتي کاتي توڙي ايس آر بي جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ايس آر بي چيئرمين واصف ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته مالي سال 25-2024 ۾ ايس آر بي 306.6 ارب رپين جي تاريخي اوڳاڙي ڪئي جنهن ۾ سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز (ايس ايس ٽي) جي مد ۾ 284.4 ارب رپيا شامل آهن. اها رقم گذريل سال جمع ٿيل 237 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 29.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جون 2025 ۾ ايس آر بي جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مھيني وار اوڳاڙي ريڪارڊ ڪئي وئي جيڪا 40.5 ارب رپين کان وڌي وئي. هي اداري جي قيام جي 15 سالن کانپوءِ ڪنهن به مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ اوڳاڙي هئي. بریفنگ موجب پورٽس ۽ ٽرمينلز، ٽيلي ڪميونيڪيشن، بينڪنگ، فرنچائز، انشورنس ۽ ڪانٽريڪٽ ايگزيڪيوشن جا شعبا صوبائي ريونييو ۾ نمايان حصو وجهندڙن ۾ شامل رهيا. پورٽ، ايئرپورٽ ۽ ٽرمينل آپريٽرز جو شعبو سڀ کان وڏو حصيدار رهيو جنهن 40.2 ارب رپيا جمع ڪيا، جڏهن ته ٽيلي ڪميونيڪيشن جو شعبو 24.2 ارب رپين سان ٻئي نمبر تي رهيو. ٻين نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شعبن ۾ بينڪنگ شعبي 20.34 ارب رپيا، فرنچائز سروسز 17.53 ارب رپيا ۽ انشورنس 14.56 ارب رپيا فراهم ڪيا. وڏي وزير ايس آر بي جي ڪارڪردگي کي سراهيندي چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي ۽ غير دستاويزي سروس فراهم ڪندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. هن ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊيٽا تي ٻڌل نگراني تي زور ڏيندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي ته جيئن موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي بار وڌائڻ کانسواءِ ريونييو ۾ اضافو ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو