ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي جي ٽئين ڏينهن تي مثبت رجحان نظر اچي رهيو آهي.واپاري سيشن دوران پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس 1,624 پوائنٽس جي واڌ سان 157,801 تي پهچي ويو.واپاري سيشن دوران، 100 انڊيڪس 156,638 جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته اهو 158,484 جي بلند ترين سطح تي پڻ پهچي ويو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته 100 انڊيڪس ڪالهه واپاري سيشن جي آخر ۾ 156,177 پوائنٽس تي بند ٿيو.










