ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ جي ترجمان مطابق، حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن اختيارين سرڪاري ڪلرڪ سلمان ميمڻ کي هٿون هٿ رشوت وٺندي موقعي تي ئي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊي جي اينٽي ڪرپشن سنڌ، امتياز علي ابڙو جو چوڻ هو ته هيءَ ڪارروائي مئجسٽريٽ جي نگرانيءَ ۾ گورنمينٽ گرلز ميرا پائلٽ هاءِ اسڪول، هيرآباد جي سينئر ڪلرڪ جي خلاف ڪئي وئي. اها ڪارروائي مسمات شهربانو شاهاني نالي هڪ ريٽائرڊ عربي ٽيچر جي شڪايت تي عمل ۾ آئي. ترجمان جي مطابق جوابدار شڪايت ڪندڙ خاتون کان LPR، پينشن ۽ ڪميوشن جي ڪاغذن جي ڪارروائيءَ جي عيوض غير قانوني رشوت طلب ڪئي هئي. رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ريٽائرمينٽ جا فائدا (Benefits) جاري نه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. متاثر خاتون اڳ ئي مختلف قسطن ۾ 80 هزار، 3 لک ۽ 5 لک روپيا ادا ڪري چڪي هئي، پر جوابدار وڌيڪ 4 لک 50 هزار روپين جو مطالبو ڪري رهيو هو. اينٽي ڪرپشن اختيارين ٽريپ ڪارروائي دوران جوابدار کي 30 هزار روپيا جزوي ادائيگي طور وصول ڪندي ئي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.










