ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ سوڪ سينٽر ۾ ادارھ ترقيات ڪراچي (ڪي ڊي اي) جي 1199 هين گورننگ باڊي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي لوڪل گورنمنٽ جو ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر شمشاد پڻ موجود هو. اجلاس ۾ اداري جي مختلف انتظامي، مالي ۽ ترقياتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ڊي جي ڪي ڊي اي آصف جان صديقي صوبائي وزير کي آگاهي ڏني ته ريٽائرڊ ملازمن جي واجبات جي ادائيگي اداري جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن درخواست ڪئي ته وزير صاحب جي تعاون سان انهن واجبات جي بروقت ادائيگي کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاھ هدايت ڪئي ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته اهو ملازمن جو بنيادي حق آهي. هن تجويز ڏني ته واجبات جي ادائيگي لاءِ سنڌ حڪومت کان قرض طور رقم حاصل ڪئي وڃي، جيڪا بعد ۾ ادارو واپس ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته واجبات ۾ دير ملازمن جي حق تلفي آهي. ڊي جي ڪي ڊي اي ٻڌايو ته اداري جا ڪجهه واجبات سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) ڏانهن پڻ رهيل آهن، جنهن تي صوبائي وزير هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا انهن واجبات جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ادارو پنهنجي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو. ناصر حسين شاھ هدايت ڪئي ته سڀني پلاٽن تان تجاوزات ختم ڪرائي انهن کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو وڃي ۽ قيمت جو تعين ڪنهن ٿرڊ پارٽي کان ڪرايو وڃي ته جيئن بهتر قيمت ملي سگهي. بلديات واري وزير سرجاڻي ٽائون ۾ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪي ڊي اي پنهنجون سموريون زمينون واگزار ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ليگل جي پوسٽ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. سي بي اي جي صدر عبدالمعروف پاران پيش ڪيل چارٽر آف ڊيمانڊ کي پڻ وزير بلديات ملازمن جي ڀلائي لاءِ منظور ڪري ورتو. گريڊ 1 کان 15 تائين جي ملازمن جي ترقيءَ بابت پڻ مثبت غور جي خاطري ڪرائي وئي. صوبائي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڪي ڊي اي ۾ فائلن ۽ رڪارڊ بابت عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊي جي ڪي ڊي اي ٻڌايو ته لينڊ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو منصوبو تيار آهي جنهن تي جلد عمل ٿيندو. اجلاس ۾ پائي فيڪٽري ۾ موجود اسڪريپ کي نيلام ڪرڻ ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مڪمل تخمينو تيار ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا. اجلاس ۾ ميمبر ايڊمنسٽريشن شڪيل صديقي، ميمبر فنانس نثار احمد خان، سيڪريٽري ڪي ڊي اي ارشد خان، رفيق احمد کيڙو، عاطف نقوي، ناصر خان، عباس علي، سهيل باسط ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.










