ايران سان تازين ڳالهين جي نتيجن مان خوش ناهيان، ٽرمپ

ايران سان تازين ڳالهين جي نتيجن مان خوش ناهيان، ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران جي ايٽمي پروگرام بابت تازين ڳالهين جي نتيجن کان خوش ناهي.پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران اهي مطالبا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪي آمريڪا لاءِ ضروري آهن، تنهن ڪري هو ڳالهين جي موجوده حالت کان خوش ناهي.آمريڪي صدر چيو ته ايران هڪ خاص حد تائين يورينيم کي افزوده ڪرڻ چاهي ٿو، پر ايران کي ڪنهن به سطح تي يورينيم کي افزوده ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.فوجي طاقت جي استعمال بابت پڇڻ تي، ڊونلڊ ٽرمپ جواب ڏنو ته هو ايران خلاف فوجي طاقت استعمال نٿو ڪرڻ چاهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪرڻو پوندو آهي.ان دوران، عمان جي اعليٰ سفارتڪار دعويٰ ڪئي ته ايران افزوده يورينيم کي ذخيرو نه ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو