ڀارت جي زمبابوي کي 72 رنز تان شڪست

ڀارت جي زمبابوي کي 72 رنز تان شڪست

چنائي(ويب ڊيسڪ) ڀارت زمبابوي کي 72 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. زمبابوي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورن ۾ 184 رنز اسڪور ڪري سگهي. اوپنر برائن بينيٽ 6 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 59 بالن تي 97 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هاردڪ پاندي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هو موجوده ورلڊ ڪپ ۾ صاحبزاده فرحان کانپوي ٻئي نمبر تي وڌيڪ رنسون ٺاهيدڙ رانديگر آهي. پهاڙ جيڏي ٽارگيت لاءِ زمبابوي بيٽنگ شروع ڪئي تي جارحاڻو انداز اختيار ڪرن جي ڪوشش ڪئي پر پاور پلي 40 جي لڳ ڀڳ ئي اسڪور ٺاهي سگهيا، 44 جي اسڪور تي ستين اوور ۾ زمبابوي جو اوپنر ماروماني اڪثر پٽيل جي بال تي اشان ڪشن هٿان ڪيچ ٿي ويو، 72 تي ٻئي وڪيٽ ڪري ڊين مائرز 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٽئين وڪيٽ جي پارتنرشپ ۾ 72 رنز ٺهيون ته سڪندر رضا 21 بالن تي 31 رنز ڪري ارشديپ سنگهه جي بال تي اڀيشڪ هٿان ڪيچ ٿي ويو. ساڳئي اوور م ارسديپ ريان بري کي ايل بي ڊبليو ڪيو، ٽوني منيونگا 11 رنسون ٺاهي ارسديپ جي بال تي بولڊ ٿيو، ٽاشنگا موسيڪيوا 7 رنز ٺاهي شيوم ڊوبي جي بال تي ڪيپر سنجو سيمپسن هٿان ڪيچ ٿيو. بريڊ ايونز هڪ رن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.  زمبابوي ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ ڀارت مقرره 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 256 رنسون ٺاهيون. جيڪو 2026 جي ورلڊ ڪپ جو هن وقت تائين وڏي ۾ وڏو اسڪور آهي. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز زمبابوي خلاف 254 رنز ٺاهيون هيون. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو رڪارڊ 260 آهي جيڪو سريلنڪا 2007 م ڪينيا خلاف ٺاهيو هو. ويسٽ انڊيز جي اننگ ۾ 19 ڇڪا ۽ 16 چوڪا شامل هئا جڏهن ته ڀارتي اننگ ۾ 17 چڪا 17 چوڪا شامل هئا. اوپنر سنجيو سيمسن 15 بالن تي 24 رنز ٺاهي بليسنگ مزارباني جي بال تي ريان برل هٿان ڪيچ ٿيو، اڀيشڪ شرما چار ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي 55 رنز ٺاهي ٽينوٽينڊا مپوسا جي بال تي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ٿيو. اشان ڪشن 24 بالن تي 388 رنز ٺاهي سڪندر رضا جي بال تي رچرڊ گاراوا هٿان ڪيچ ٿيو، سوريا ڪمار ياديو 13 بالن تي 33 رنز ٺاهي گاراوا جي بال تي تشنگا موسيڪيوا هٿان ڪيچ ٿيو. هاردڪ پانڊي 23 بالن تي 50 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ تلڪ ورما 16 بالن تي 44 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو