سمورا ڪاروبار ايف بي آر نظام سان جوڙڻ لازمي قرار

سمورا ڪاروبار ايف بي آر نظام سان جوڙڻ لازمي قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) سمورن رجسٽرڊ دڪانن کي هڪ هفتي جي اندر ايف بي آر جي نظام سان جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي تحت پوائنٽ آف سيلز مشين سان جڙيل سمورا ڪاروبار ايف بي آر سان جوڙيا ويندا. هوٽل، گيسٽ هائوس، ميرج بازار ۽ ڪلبز تي به اهو نوٽيفڪيشن لاڳو ٿيندو. جڏهن ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽر، ڪوريئر ۽ ڪارگو سروسز به لازمي جوڙڻا پوندا.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بيوٽي پارلرز، اسلمنگ سينٽرز ۽ بيوٽي ڪلينڪس لازمي ايف بي آر سان رجسٽرڊ ڪرائڻا پوندا. پرائيويٽ ڪلينڪس، ڊينٽل ڪلينڪس ۽ پلاسٽڪ سرجنز جو ڪاروبار به ايف بي آر سان جوڙيو ويندو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ليبارٽريون، جانورن جا ڊاڪٽر، ڊائيگناسٽڪ سينٽرز، ايڪسري سينٽر، پرائيويٽ اسپتال، پرائيويٽ ڪنسلٽنٽس، هيلٿ ڪيئر سروسز، هيلٿ ڪلبز، سوئمنگ پولز، فٽنس ڪلبز ۽ ملٽي پريز ڪليز کي به ٽيڪس نظام سان جڙڻو پوندو.ايف بي آر موجب ڪراچي جيمخانه، رائل پام، چناب، ڪلب، اسلام آباد، لاهور جيمخانه کي به ٽيڪس نظام سان جوڙيو ويندو. چارٽرڊ اڪائونٽس فرمز، ڪاسٽ اينڊ مينجمينٽ جون خدمتون ڏيندڙن کي به ٽيڪس نظام سان جڙڻو پوندو. انهي کان علاوه ماهوار 1000 روپيه فيس وٺندڙ اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي به ٽيڪس نظام سان جڙڻو پوندو. نوٽيفڪيشن موجب انڪم ٽيڪس جي شق 33 جي تحت ٽيڪس نظام سان جڙڻ بنيادي شرط هوندي. ٽيڪس نظام سان جڙڻ سان گڏ ڪاروبار پوائنٽ آف سيلز مشين لڳائڻ جا پابند هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو