اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي سنڌي صحافين جي گڏجاڻي نيشنل پريس ڪلب ۾سينئر صحافي اعجاز مهر جي صدارت هيٺ ٿي.
جنهن ۾ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي سالياني چونڊن جي لاء نائب صدر جي اميدوار لاءِ نامزدگي تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي مختلف نالن تي غور بعد اڪثريت راءِ سان موجوده نائب صدر شاھ محمد ڏيٿو کي ايندڙ باڊي ۾ ساڳئي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس م فيصلو ڪيو ويو ته پريس ڪلب جي ايندڙ چونڊن کانپوء جلد ئي سڀني سنڌي صحافين جي وري گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي.
نائب صدر چونڊجڻ کان پوء شاھ محمد ڏيٿو هر ٽن مهينن کانپوء سڀني سنڌي صحافين جي گڏجاڻي گهرائيندو رهندو ۽ سندن مشوري سان معاملا طئي ڪندو ته جيئن سنڌي صحافين سميت نيشنل پريس ڪلب ۽ مجموعي صحافتي برداري جي بهتري لاء اپاءَ وٺي سگهجن.
گڏجاڻي ۾شاھ محمد ڏيٿو جي گذريل ٻن سالن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ ان کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ ان اميد جو اظهار پڻ ڪيو ويو ته شاھ محمد ڏيٿو هڪ دفعو ٻيهر نائب صدر چوندجڻ کان پوء پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪندو.
گڏجاڻي ۾ صدر پي آر اي سينئر صحافي ايم بي سومرو، قربان بلوچ، رزاق کٽي، اسد شر، سينئر صحافي شاڪر سولنگي، نظير چارڻ، جميل ٻٻر، غلام رسول ڪنڀر، ذوالفقار گراماڻي، طاهرا بلوچ، مسلم ميراڻي، زاهد جتوئي، سرواڻ چانڊيو، تنوير چانڊيو، منظور چانڊيو، زاهد ڪورائي، ريحان غوري، قادر غوري،اختر مهر،علي بخش لنجواڻي، عامر عباسي، اطهر راجپوت، ماجد خاصخيلي، محمد علي، عارف جلالاڻي، صدام حسين، عرفان خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سنڌ ۾ ڪمند جو ريٽ مقرر ڪريو ۽ پيڙائي شروع ڪرايو
اطلاعات کاتي جي 32 آفيسرن ۽ ملازمن جي ترقين جي منظوري
اسرائيلي اشتهاري ڪمپنيءَ تي اسٽارلنڪ جي جاسوسيءَ جو الزام
پيٽرول ڪيتري تيزي سان مهانگو ٿيندو ڪجهه چئي نٿو سگهجي
نومبر جي وچ ڌاري اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪنداسين: حافظ نعيم
جي بي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ سهڪار جي خاطري
اسرائيل ۾ پولنگ، ووٽنگ جي شرح ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا
سُهيل آفريدي جي آزاديءَ لاءِ آواز ڇو نٿو اٿاريو وڃي؟ ناصر عباس
سنڌ ۾ نئين صوبي واري معاملي تي فل اسٽاپ لڳي چڪو
سياسي ڇڪتاڻ وڌي پئي، سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي آهن
گھوٽڪي ڊرينيج رٿا بابت سنڌ جا خدشا
بااثر هجي يا پنهنجي جماعت جو، ڏوھاري کي بخش نه ڪنداسين
شهرين جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي
ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ
25 ورهين جي ناري کي قتل ڪندڙ جوابدار بري
ٽي ملڪي سيريز: پاڪستان کي شڪست، سريلنڪا فائنل ۾ پهچي ويو
شادمان ٽائون ۾ حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي
پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور وڌائڻ جي مخالفت
ٺٽي-سجاول باءِ پاس تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت
سياري ۾ گهريلو واهپيدارن کي 8 ڪلاڪ گئس ملڻ جو امڪان











its great. I have seen first time