اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) گورنر اسٽيٽ بينڪ محمد جميل 5000 رپين جي نوٽ کي ختم ڪرڻ جي خبرن جي حقيقت واضح ڪري ڇڏي آهي.فنانس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي گورنر اسٽيٽ بينڪ چيو ته 5000 رپين جي نوٽ کي ختم ڪرڻ جي ڪا به تجويز ناهي، 10 رپين کان 5000 رپين تائين نئين ڊيزائن جي ڪرنسي استعمال ڪئي ويندي، ۽ ڪرنسي جي نئين ڊيزائن تي فيصلو جلد وفاقي ڪابينا کان متوقع آهي.هن چيو ته نون نوٽن جي ڊيزائن ۽ سيڪيورٽي فيچرز کي سينٽرل بينڪ بورڊ پاران منظور ڪيو ويو آهي، ۽ ڪميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ سڀئي نوان ڊيزائن جا نوٽ ڪميٽي کي ڏيکاريا وڃن.اجلاس دوران اهو به ظاهر ٿيو ته ملڪ ۾ 13000 ارب رپيا گردش ۾ آهن.










