پکو( عبدالوحيد ميئو) وائيلڊ لائيف ريڊ ٽيم انسپيڪٽر قربان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڳجھو اطلاع ملڻ تي ارٿر شاخ وٽ ڇاپو ھڻي 8 شڪارين انور، وزير، منظور، دليپ، مينڌر، فوٽو، حڪيم ۽ مٺو باگڙي کي ناياب نسل جي 50 عدد ڪڇن سميت سوگھو ڪري ورتو جن کي شڪار جي سامان سميت پکو جي لنگھ ڍنڍ تي آندو ويو جتي ناياب نسل جي ڪڇن کي ڊپٽي ڪنزرويٽر قاضي منير دارا ۽ لنگھ ڍنڍ انچارج شير محمد مغيري جي موجودگي ۾ پاڻي اندر ڇڏيو ويو. سوگھو ڪيل شڪارين مٿان ڏنڊ رکي قانوني ڪاروائي ڪئي وئي. گرفتار شڪارين پنھنجي رھائش خيرپور ضلعي جي راڻيپور شھر جي ٻڌائي. ان موقعي تي ريڊ ٽيم اڳواڻ قربان لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته ناياب ڪڇن کي غيرقانوني ٻاھرين ملڪ اسمگلنگ ڪري عالمي منڊي ۾ ڊالرن جي صورت ۾ وڪرو ڪيو ويندو آھي ھٿ ڪيل ڪڇن جي قيمت اٽڪل 5 لک روپين کان مٿي ٿيندي اسان ڪامياب ڪارروائي ڪري سنڌ جي ناياب نسل کي اسمگلنگ ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي. کاتي جي پوري ڪوشش آبي جيوت کي بچائڻ ۽ تحفظ فراھم ڪرڻ آھي.










