اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) نوان سرڪاري ملڪيت جا ريٽ جاري ڪيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب وفاقي راڄڌاني ۾ رهائشي ۽ ڪمرشل ملڪيتن جي نظرثاني ٿيل ويليوشن جاري ڪئي وئي آهي، نئين ريٽ موجب ملڪيت جي ريٽ ۾ 15 کان 75 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته غير منقوله ملڪيت جي مارڪيٽ ويليو نئين شرح مطابق طئي ڪئي ويندي، ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس نئين شرح مطابق گڏ ڪيو ويندو.










