ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو جمعي يا سومر تي ٿيندو: نقوي

ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو جمعي يا سومر تي ٿيندو: نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محسن نقوي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي حوالي سان آءِ سي سي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ تازي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني، ملاقات ۾ سمورن آپشنز کليل رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو،ان کان پوءِ پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته عالمي ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو گڏيل صلاح مشوري سان سومر تائين ڪيو ويندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو ته ملاقات دوران وزيراعظم کي آءِ سي سي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم سمورن آپشنز کي نظر ۾ رکندي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب، ملاقات دوران محسن نقوي وزيراعظم کي آءِ سي سي جي ٻٽي معيار بابت به آگاهه ڪيو. محسن نقوي چيو ته آءِ سي سي ڀارت لاءِ هڪڙو قانون ۽ ٻين ملڪن لاءِ ٻيو قانون استعمال ڪري ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي چيو ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي دوران پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي ان کي متبادل وينيو ڏنو ويو. ذريعن موجب، محسن نقوي ٻڌايو ته بنگلاديش به سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت وڃڻ بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو هو، پر بنگلاديش کي متبادل وينيو ڏيڻ بدران عالمي ڪپ مان ٻاهر ڪيو ويوذريعن موجب، محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان عالمي ڪپ ۾ شرڪت نه ڪندو ته پاڪستان کي شرڪت جي عيوض جهجهي رقم نه ملندي. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڀارت سان ميچ نه کيڏي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان ڀارت کي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو