ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي هفتن کان خبرون ليڪ ٿيڻ ۽ افواهن کان پوءِ آخرڪار سام سنگ 2020 جي شروعات ۾ 2 سستا فليگ شپ فون گليڪسي ايس 10 ۽ نوٽ 10 لائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. لاس ويگاس ۾ ايندڙ هفتي کان شيڊول سي اي ايس ٽيڪنالوجي نمائش کان اڳ سام سنگ پنهنجا 2019 جا مقبول فليگ شپ فون بجٽ ورزن پيش ڪيا ۽ ان ۾ هو پريميم فيچرز مناسب قيمت ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ٻنهي فونن کي 6.7 انچ سپر اموليڊ انفٽني ۽ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ فرنٽ ڪيمرا وچ ۾ هول پنچ ڊيزائن ۾ ڏنو ويو آهي. 4500 ايم اي ايڇ بيٽري، 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي اسٽوريج، ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽِ بي تائين اضافو ڪيو ويو آهي. گليڪيسي ايس 10 لائيٽ ۾ اسنيپ ڊراگون 855 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته نوٽ 10 لائيٽ ۾ ڪمپني پنهنجو ايڪسينوس 8895 پراسيسر کي استعمال ڪيو آهي. ٻنهي فونن جي پٺيان پاسي 3 ڪيمرائن جو سيٽ ڏنو ويو آهي پر ٻنهي جو اهو سيٽ اپ مختلف آهي. ايس 10 لائيٽ ۾ 45 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ڪيمرا سپر اسٽيڊي او آءِ ايس سان گڏ ڏنو ويو آهي. اهو فيچر نوٽ 10 لائيٽ ۾ ناهي. ان کان علاوه 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا 123 ڊگري لينس سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٽيون ڪيمرا 5 ميگا پڪسل مائيڪرو لينس آهي. گليڪسي نوٽ 10 ۾ ڪيمرا سسٽم بلڪل مختلف آهي. ان ۾ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا، 12 ميگا پڪسل وائيڊ اينگل ڪيمرا ۽ 12 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا ڏنو ويو آهي. نوٽ 10 لائيٽ ۾ ايس پين به ڏنو ويو آهي جيڪا ايس 10 لائيٽ ۾ موجود ناهي. ايس پين ۾ 2018 جي نوٽ 9 ۾ ڏنل بليو ٽوٿ لو انرجي سپورٽ موجود آهي جنهن سان فون کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سام سنگ طرفان ايس 10 لائيٽ يا نوٽ 10 لائيٽ جي قيمت ۽ دستيابي جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر ان کي 7 جنوري کان شروع ٿيندڙ سي اي ايس نمائش ۾ رکيو ويندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي قيمت وغيرهه جو به اعلان ڪري سگهجي ٿو.










