سعودي اعتراضن بعد يو اَي اِي جو، يمن مان فوج واپس گهرائڻ جو اعلان

سعودي اعتراضن بعد يو اَي اِي جو، يمن مان فوج واپس گهرائڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات اڱاري ڏينهن چيو ته هو يمن مان پنهنجيون باقي بچيل فوجون به واپس گهرائي رهيو آهي، ان کان پوءِ جو سعودي عرب 24 ڪلاڪن اندر اماراتي فوجن جي نڪرڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي، جيڪو ٻنهي خليجي قوتن ۽ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن وچ ۾ وڏي بحران جي علامت آهي.
ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ، سعودي اڳواڻ اتحاد جي فوجن ڏکڻ يمن جي بندرگاهه مڪلا تي حملو ڪيو هو. رياض جنهن کي امارات سان جڙيل هٿيارن جي موڪليل شپمينٽ قرار ڏنو، ان تي ڪيل هي هوائي حملو وڌندڙ اختلافن ۾ اڄ تائين جو سڀ کان وڏو اضافو هو، جيڪو ٻنهي خليجي بادشاهتن وچ ۾ ٿي رهيو آهي.
يو اَي اِي ۽ سعودي هڪ زماني ۾ علائقائي سيڪيورٽي جا ٻه ٿنڀ سمجهيا ويندڙ خليجي وڏا ملڪ هاڻي تيل جي ڪوٽائن کان جيوسياسي اثر تائين هر معاملي ۾ پنهنجا مفاد هڪ ٻئي کان الڳ ڏسن ٿا.
يو اي اي جي دفاع واري وزارت چيو ته هن پنهنجي دهشتگردي مخالف يونٽن جي مشن کي رضاڪاراڻي طور ختم ڪيو آهي، جيڪي 2019 ۾ پنهنجي فوجي موجودگي “ختم” ڪرڻ کان پوءِ اتي رهيل محدود فورس هئي.
وزارت چيو ته هاڻي بچيل مشن “دهشتگردي مخالف ڪوششن جو حصي طور، لاڳاپيل بين الاقوامي ساٿين سان هم آهنگي ۾، خاص مهارت رکندڙ عملي” تائين محدود آهي.

هڪ بيان ۾ چيو ويو ته تازين پيش رفتن هڪ جامع جائزو وٺڻ تي اڀاريو آهي، رياستي نيوز ايجنسي وام ٻڌايو.
يمن ۾ يو اي اي ۽ سعودي جا مفاد تازي سالن ۾ جدا ٿيا
سعودي عرب، متحده عرب امارات تي الزام هنيو ته هن يمن جي ڏاکڻي علائقي تي ڪنٽرول رکندڙ علحدگي پسند ڌڙي، سدرن ٽرانزيشن ڪائونسل (ايس ٽي سي) تي سعودي بادشاهت جي سرحدن ڏانهن وڌڻ لاءِ دٻاءُ وڌو آهي، جيڪو سعودي عرب جي پنهنجي قومي سلامتي جي “ريڊ لائين” قرار ڏنو آهي.
ٻنهي پاڙيسري بادشاهتن جي وچ ۾ وڌندڙ پرڏيهي لاڳاپن جي هن خرابي ۾ هي رياض جو سڀ کان سخت لهجو هو؛ اهي ملڪ هڪ زماني ۾ ايران سان ويجها سمجهيا ويندڙ حوثين خلاف گڏيل اتحاد ۾ ساٿاري رهيا هئا، پر يمن ۾ انهن جا مفاد آهستي آهستي جدا ٿيا.
يو اي اي پاران يمن ۾ رهيل ٿورين فوجن جي واپسي هن وقت ڇڪتاڻ گهٽائي سگهي ٿي، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هو مستقبل ۾ ايس ٽي سي جي مدد جاري رکندو يا نه.
سعودي پنهنجي طرفان، جنهن اتحاد جي اڳواڻي پيو ڪري، يمن جي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت جي حمايت جاري رکي آهي، ۽ ڪابينا چيو ته اميد آهي يو اي اي، ايس ٽي سي لاءِ هر قسم جي فوجي يا مالي مدد ختم ڪري ڇڏيندو.
اتحاد ان سامونڊي بندرگاهه تي بمباري ڪئي جنهن بابت هن چيو ته اُهو علحدگي پسندن کي پرڏيهي فوجي مدد پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. يمن جي سعودي سهڪار يافته صدارتي ڪائونسل جي سربراهه رشاد العليمي اماراتي فوجن کي 24 ڪلاڪن اندر نڪرڻ جو حڪم ڏنو. سعودي عرب ان جي حمايت جو اعلان ڪيو.
يو اي اي چيو ته هوائي حملو ان لاءِ حيران ڪن هو، ۽ جن شين بابت ڳالهايو پيو وڃي انهن ۾ هٿيار شامل نه هئا ۽ اهي اماراتي فوجن لاءِ گاڏيون موڪليون هيون. پر هن اضافو ڪيو ته هو “قابلِ اعتماد حقيقتن ۽ موجوده هم آهنگيءَ” جي بنياد تي اهڙو حل چاهي ٿو “جيڪو ڇڪتاڻ کي روڪي.”
يمني رياستي خابرو ايجنسي موجب، ٽيليويزن خطاب ۾ العليمي چيو ته “حتمي طور تصديق ٿي چڪي آهي ته متحده عرب امارات ايس ٽي سي تي دٻاءُ وڌو ۽ هدايتون ڏنيون ته رياست جي اختيار آڏو فوجي ڇڪتاڻ ذريعي ڪمزوري پيدا ڪري ۽ بغاوت ڪري.”
سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات اوپيڪ جي تيل برآمد ڪندڙ گروپ جا وڏا رانديگر آهن، ۽ انهن وچ ۾ ڪنهن به اختلاف سبب تيل جي پيداوار تي اتفاقِ راءِ متاثر ٿي سگهي ٿي. اهي ۽ اوپيڪ+ جا ٻيا ڇهه ميمبر آچر تي آن لائن گڏ ٿيندا، ۽ اوپيڪ+ جي ڊيلگيٽس جو چوڻ آهي ته هو پهرين ٽه ماهي لاءِ پيداوار کي ٻئي ٽه ماهي لاءِ به جاري رکندا.
تيل پيدا ڪندڙ ٻن وڏين بادشاهتن ۾ ڇڪتاڻ بعد خليج جا وڏا اسٽاڪ انڊيڪس گهٽ تيزي سان گهٽيا آهن.
سعودي اتحادي پاران يمن ۾ ڇڪتاڻ ڀڙڪائڻ جو الزام يو اي اي تي
يو اي اي 2015 کان حوثي تحريڪ خلاف سعودي اڳواڻ اتحاد جو ميمبر رهيو. 2019 ۾ هن پنهنجون فوجون گهٽائڻ شروع ڪيون پر سعودي سهڪار يافته حڪومت سان واعدي تي قائم رهيو.
ايس ٽي سي بعد ۾ ڏکڻ ۾ خودمختياري ڳولڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن مهيني سعودي سهڪار يافته يمني فوجن خلاف جارحيت شروع ڪئي. هن اڳڀرائي سالن جي جمود کي ٽوڙي ڇڏيو، ڇو ته ايس ٽي سي سعودي خبردارين جي ابتڙ، ڏکڻ تي وسيع ڪنٽرول جو دعويٰ ڪيو، جنهن ۾ حضرموت صوبي سميت علائقا شامل آهن. ڏاکڻو يمني حصو سعودي عرب سان دنگائي آهي.
اتحاد موجب اڱاري جو هوائي حملو اُن وقت ٿيو، جڏهن ڇنڇر ۽ آچر تي يو اي اي جي بندرگاهه فجيره مان ٻه جهاز اتحاد جي اجازت کانسواءِ المڪلا بندر اچي پهتا. جن بابت سعودي ۽ يمني اختيارين الزام هنيو ته انهن ۾ هٿيار آهن جيڪي سندن مخالف ڌڙي ايس ٽي سي کي ڏنا ويندا.
سعودي سرڪاري خبر ايجنسي هڪ وڊيو شايع ڪئي جنهن ۾ هڪ جهاز کي “گرين لينڊ” طور سڃاڻپ ڏني وئي، جنهن مان مبينا طور هٿيار ۽ جنگي گاڏيون لاٿيون ويون. ڪمپني جي ويب سائيٽ موجب، گرين لينڊ (رول آن/رول آف ڪارگو ويزل) جو رجسٽرڊ مالڪ ۽ آپريٽر “سالم المڪراني ڪارگو ڪمپني” آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر دبئي ۾ ۽ هڪ برانچ فجيره ۾ آهي.
سعودي سرڪاري ميڊيا: حملي ۾ جاني يا مالي نقصان نه ٿيو
اتحاد جو چوڻ آهي ته سعودي سرڪاري ميڊيا مطابق هن حملي ۾ نه ته ڪو جاني نقصان ٿيو ۽ نه ئي ضمني تباھي. ٻن ذريعن رائٽرز کي ٻڌايو ته هدف اهو ڊاڪ هو جتي سامان لاٿو ويو هو. رائٽرز فوري طور تصديق نه ڪري سگهيو ته ڪهڙي شيءِ کي نشانو بڻايو ويو يا ممڪنه حملي هيٺ آيل ڪنهن به سامان جي نوعيت يا اصليت ڇا هئي.
يمني رياستي ٽي وي صبح سوير بندرگاهه تان اٿندڙ ڪاري دونهين ۽ ساڙيل گاڏين جو منظر ڏيکاريو. العليمي 72 ڪلاڪن لاءِ نو فلائي زون ۽ سڀني بندرگاهن ۽ لنگهن تي سامونڊي ۽ زميني ناڪا بندي جو اعلان ڪيو.
ايس ٽي سي جي سربراهه ۽ صدارتي ڪائونسل جي نائب سربراهه عيدروس الزُبيدي، ڪائونسل جي ٻين ٽن ميمبرن سان گڏيل بيان ۾ چيو ته حوثين خلاف جدوجهد ۾ يو اي اي اڃا به هڪ اهم ساٿي آهي. هن العليمي جي حڪمن کي رد ڪري چيو ته انهن ۾ اتفاقِ راءِ جي ڪمي آهي.
يمن جي ڏکڻ تي قبضو رکندڙ، ايس ٽي سي، جنهن جي يو اي اي کليل حمايت ڪري پيو، ان ڏکڻ يمن نالي نئون ملڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ اسرائيل ان کي تسليم ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻيو. سعودي ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ان جي مذمت ڪئي، پر يو اي اي خاموش رهيو.
جتان سعودي عرب کي شڪ ٿيو، ڇو ته ڏکڻ يمن ۾ ايس ٽي سي سعودي سرحدي علائقي ڏانهن وڌي سگهي ٿي، جتي پنهنجي پاسي سعودي عرب جا 15 هزار ويڙهاڪ تيار بيٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو