پومپيو جو جنرل باجوا کي فون، پاڪستان پاران احتياط جو مشورو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بغداد ۾ آمريڪي حملي ۾ ايراني جنرل قاسم سليماني جي قتل بعد خطي ۾ وڌيل ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير دنيا جي مختلف ملڪن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. هن پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان فون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پاڪستان جي فوجي ترجمان ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته آرمي چيف چيو ته امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد خاطر احتياط کان ڪم ورتو وڃي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن عمل جي ڪاميابي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.

مائيڪ پومپيو ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته هن پاڪستاني جنرل سان آمريڪا پاران ڪيل دفاعي ڪاروائي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ايراني اپائن سبب خطي ۾ صورتحال غير مستحڪم ٿي رهي آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته هنن جنگ کي روڪڻ لاءِ دفاعي ڪاروائي ڪندي ايراني جنرل کي نشانو بڻايو آهي.

مائيڪ پومپيو افغان صدر اشرف غني، فرانس ۽ جرمني جي پرڏيهي وزيرن، سعودي عرب، عراق، گڏيل عرب امارات جي حڪمرانن سان به سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کين اعتماد ۾ ورتو. ياد رهي ته مائيڪ پومپيو پاڪستان ۾ سويلين حڪومت هوندي به فوجي قيادت سان رابطو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو