ايراني ايٽمي پروگرام سان جڙيل مسئلن جو حل ڳالهيون قرار

ايراني ايٽمي پروگرام سان جڙيل مسئلن جو حل ڳالهيون قرار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ايران جي ايٽمي پروگرام جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي قائم مقام مستقل نمائندي سفير عثمان جدون چيو آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل سڀئي مسئلا صرف ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.عثمان جدون چيو ته پاڪستان پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي حمايت نه ڪئي ۽ ڌرين کي جلدي کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو.هن چيو ته ٽڪراءُ کان بچڻ ضروري آهي ۽ ڪامياب ٿيڻ لاءِ سفارتڪاري کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.عثمان جدون وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال اڳ ۾ ئي گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ۽ طاقت جي هڪ طرفي استعمال جي ڪري پيچيده ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو