ليکڪ: برگيڊيئر جنرل (ر) مارڪ ڪِمٽِ
جنوري جي شروعات ۾، آمريڪا جا پاڪستان سان سفارتي ۽ قومي سلامتي بابت لاڳاپا هرگز خوشگوار نه هئا. اسلام آباد کي طالبان سان مڪمل هم آهنگ سمجهيو پئي ويو، سياسي طور شڪي ۽ سفارتي طور ڪافي حد تائين الڳ ٿيل ملڪ طور ڏٺو پئي ويو. 2022–2023 جي ٻوڏ کان پوءِ آهستي آهستي بحالي ۽ مجموعي قومي پيداوار ۾ تازي واڌ باوجود، ملڪ جي معيشت اڃا به پرڏيهي مالي سهائتا تي دارومدار رکندي هئي.
واشنگٽن پاڪستان کي غير يقيني ۽ محدود حڪمتِ عملي واري اهميت وارو ملڪ سمجهندو هو، جڏهن ته ان جو سگهارو سيڪيورٽي ادارو وڏي پيماني تي مبهم، ٻٽو ڪردار ادا ڪندڙ ۽ دهشتگردي خلاف واعدن تي عمل نه ڪندڙ تصور ڪيو ويندو هو. تجزيه نگارن خبردار ڪيو هو ته پاڪستان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي ۾، ۽ شايد 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ، سڀ کان سخت قومي سلامتي چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
پر 2025 جي آخر تائين، پاڪستان گويا هڪ ڏتڙيل ملڪ مان ساٿي ملڪ بڻجي ويو. ٿورڙا ئي ملڪ اهڙي تيزي ۽ ڊرامائي انداز ۾ پنهنجي ساک ۾ تبديلي ڏسي سگهيا آهن. پاڪستان صدر ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا بابت ارتقا پذير پرڏيهي پاليسي ويزن جو هڪ اهم ستون بڻجي سامهون آيو آهي.
حڪمتِ عملي جي لحاظ کان، ٽرمپ جا سينيئر صلاحڪار به پاڪستان بابت بيچيني محسوس ڪندا هئا، خاص طور تي چين سان ان جي ويجهن لاڳاپن سبب. پاڪستاني اختيارين اڪثر بيجنگ سان دوستي کي “سمنڊن کان وڌيڪ اونهي ۽ جبلن کان وڌيڪ اوچي” قرار ڏيندا رهيا آهن. ٽرمپ جي اڀرندڙ پرڏيهي پاليسي حلقن ۾ عام تاثر صاف هو: ڀارت تي وڌيڪ ڀروسو، ڪواڊ کي انڊو-پئسفڪ جو مرڪز بڻائڻ، ۽ ڀارت جي ڊگهي عرصي وارن مفادن موجب اسلام آباد کي پاسي تي رکڻ.
پر جيئن واشنگٽن “ڀارت-اول” واري حڪمتِ عملي اختيار ڪئي، تيئن ئي ڀارت جي رستي بابت خدشا وڌڻ لڳا—گهڻو ڪري اڪثريتي گهريلو سياست، شهري آزاديءَ تي پابنديون، فوجي ڪارڪردگي ۾ اڻبرابري، ۽ سفارتي سختيءَ جي وڌندڙ ساک سبب. اهي مسئلا، جيڪي گهڻي وقت کان نظرانداز يا گهٽ سمجهيا ويندا رهيا هئا، هاڻي ڀارت کي علائقائي استحڪام آڻيندڙ طور قابلِ ڀروسو سمجهڻ تي سوال اٿارڻ لڳا.
لاڳاپن ۾ ٿڌاڻ ٽٽڻ جي پهرين نشاني ڳجهن دهشتگردي مخالف رابطن جو سلسلو هو، جنهن مان ظاهر ٿيو ته اسلام آباد هاڻي حقيقي سهڪار لاءِ تيار آهي. جڏهن مارچ ۾ صدر ٽرمپ هڪ قومي خطاب دوران اوچتو پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، ته واشنگٽن حيران رهجي ويو. اهي ڳالهيون پراڻي پاليسيءَ جي ابتڙ هيون، ۽ بدنام “ڊي سي بلاب” )ڊي سي بلاب جو ٽرم آمريڪي سيڪورٽي اسٽيبلشمينٽ بابت استعمال ٿيندو آهي)کي پاڪستان بابت هڪ نئين ۽ وڌيڪ سگهاري اتحادي جي حقيقت کي قبول ڪرڻو پيو.
اسلام آباد هن موقعي کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو. پاڪستان جي هر ننڍڙي سهڪاري قدم کي واشنگٽن ۾ غير متوقع ساراهه ملي، ۽ اها ساراهه وڌيڪ رابطن جي همٿ افزائي بڻي. جيڪو لاڳاپو گهڻي وقت کان نازڪ ۽ صرف ڏيتي ليتي تي ٻڌل هو، اهو هاڻي ٻنهي ڌرين جي نون حالتن سان هم آهنگ ٿيڻ سبب وڌيڪ اهميت اختيار ڪرڻ لڳو.
ٽرمپ انتظاميا جا اهي اهلڪار، جيڪي اڳ پاڪستان کي نظرانداز ڪندا هئا، هاڻي ان کي جوابده، ڪارائتو، بلڪه لچڪدار قرار ڏيڻ لڳا. هڪ مثبت چڪر پيدا ٿيو: وڌيڪ قدم، وڌيڪ سهڪار؛ وڌيڪ ساراهه؛ ۽ شراڪت ايتري تيزي سان گهري ٿيندي وئي، جو واشنگٽن ۾ ڪيترن لاءِ اها ڳالهه ڪجهه مهينا اڳ سوچي به نه سگهبي هئي.
هڪ فيصلائتو موڙ تڏهن آيو، جڏهن مئي ۾ ڀارت سان مختصر پر شديد ٽڪراءَ ۾ پاڪستان غير متوقع ڪارڪردگي ڏيکاري—اهڙو نتيجو جنهن مبينا طور تي صدر ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو. هن ٽڪراءَ ۾ فوجي نظم، حڪمتِ عمليءَ جي مرڪوزيت ۽ غير متناسب صلاحيتن جو اهڙو مظاهرو ٿيو، جيڪو واشنگٽن اڳ ناممڪن سمجهندو هو. جيڪي اهلڪار پاڪستان کي زوال پذير طاقت سمجهي نظرانداز ڪري رهيا هئا، سي هاڻي ان کي ٻيهر هڪ سنجيده علائقائي رانديگر طور ڏسڻ لڳا.
صدر ٽرمپ لاءِ، هن واقعي حڪمتِ عملي جو نقشو ٻيهر ٺاهي ڇڏيو: پاڪستان هاڻي هڪ اڀرندڙ اثاثو بڻجي ويو، جنهن جون صلاحيتون ڏکڻ ايشيا بابت سندس وسيع ويزن کي سهارو ڏئي سگهن ٿيون.
عالمي سطح تي ٻيهر اهميت ملڻ سبب پاڪستان جي فوجي جديدڪاري کي به وڌيڪ رفتار ملي آهي. هٿياربند فوجن جي ڪمانڊ ڍانچي ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن، ۽ هڪ نئون اعليٰ عهدو—چيف آف ڊفينس فورسز—قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻي فيلڊ مارشل عاصم منير وٽ آهي، جيڪي گڏوگڏ آرمي چيف به آهن.
ايترو ئي اهم عنصر ڀارت جي لاتعلقي ۽ پاڪستان جي شڪرگذاري هئي، خاص طور تي صدر ٽرمپ جي جنگبندي ڪرائڻ واري ڪردار تي.“جنگون شروع ڪرڻ بدران ختم ڪرڻ” جي ڳالهه ڪندڙ ٽرمپ لاءِ، ڀارت جو ردعمل يقيناً تڪليف ڏيندڙ رهيو هوندو. جيئن ڀارت پنهنجي لاڳاپن کي نقصان پهچايو، تيئن پاڪستان جي حيثيت واشنگٽن ۾ تيزي سان وڌي وئي.
ٽرمپ جي اندروني حلقن ۾ هاڻي هڪ نمايان شخصيت طور فيلڊ مارشل منير اڀري آيا، جن جو صدر سان لاڳاپو اهڙي ڪيمسٽري اختيار ڪري ويو، جنهن کي صلاحڪار اڌ مذاق ۾ “ڀائپيءَ واري دوستي” سڏڻ لڳا. واشنگٽن جي بدلجندڙ سياسي ماحول ۾، منير کي اهڙو شخص قرار ڏنو ويو، جيڪو “سوچي سمجهي اسرار، نظم و ضبط وارو ڊارڪ هارس، ۽ پنهنجي عوامي شڪل کي سختي سان سنڀاليندڙ” آهي. پاڪستان، موقعي کي سڃاڻي، اعتماد سان توجهه قبول ڪئي، ۽ جيتوڻيڪ هلڪي ڦلڪي نوبيل انعام بابت ڳالهيون به ڪيون ويون، جن جو مقصد ٽرمپ کي خوش ڪرڻ ۽ ميڊيا کي متوجهه ڪرڻ هو.
فيلڊ مارشل منير لاءِ ان جو انعام وائيٽ هائوس ۾ لنچ ملاقات جي صورت ۾ مليو—پاڪستان جي فوجي سربراهه لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو. ڪئميرائن کي اهو منظر تمام وڻيو، ۽ ٽرمپ کي ته ان کان به وڌيڪ۔ پاڪستان بابت ڪهاڻي تقريباً هڪ رات ۾ شڪ ۽ احتياط مان نڪري دلچسپي ۽ جشن ۾ بدلجي وئي. ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾، منير ٻيهر آمريڪا ويو، جتي سينٽرل ڪمانڊ هيڊڪوارٽر ۾ اعليٰ سطح جي ڳالهين لاءِ کيس ريڊ ڪارپيٽ آڌرڀاءُ ڏنو ويو، جنهن ۾ روانو ٿيندڙ ڪمانڊر جنرل مائيڪل ڪوريلا ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين سان ملاقاتون شامل هيون.
2026 جي شروعات ۾، پاڪستان صدر ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا ۽ ڏور اوڀر بابت اڀرندڙ وڏي حڪمتِ عملي جي مرڪز جي ويجهو نظر اچي ٿو. اسلام آباد آمريڪي مفادن لاءِ ڪيترائي موقعا فراهم ڪري ٿو، جن ۾ ايران تائين هڪ خاموش ۽ معتبر رابطو، غزه پٽي بابت بدلجندڙ حساب ڪتاب ۾ ممڪنه اهم ڪردار، ۽ چين جي علائقائي اثر رسوخ لاءِ هڪ نفيس پر اثرائتو توازن شامل آهن.
نتيجي طور، پاڪستان اوچتو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت تقريباً هر اهم بحث جو حصو بڻجي ويو آهي. جيڪو عمل محتاط رابطن سان شروع ٿيو هو، اهو هاڻي اهڙي حڪمتِ عملي مرڪزيت ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن جو سال جي شروعات ۾ واشنگٽن ۾ ٿورا ئي ماڻهو تصور ڪري سگهيا هئا.
واشنگٽن ۾ “ڀارت-اول” جو دور ختم ٿي چڪو آهي—شايد عارضي طور۔ اهو سڀ ڪجهه نئين دهلي ۽ اسلام آباد جي روين تي دارومدار رکي ٿو. پاڪستان جي تبديلي اڃا جاري آهي، ۽ ان جا آخري خدوخال اڃا واضح ناهن. پر ان جو جيوپوليٽيڪل اثر اڳ ئي ناقابلِ انڪار آهي، ۽ پاڪستان آمريڪي انتظاميا وٽ علائقائي ۽ عالمي حڪمتِ عملي ۾ اهم جاءِ حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن سان 2025 ۾ آمريڪي پاليسي نئين سر ترتيب ڏيڻي پئي ۽ ڏکڻ ايشيا جو توازن ٻيهر لکيو پيو وڃي.
(هي مضمون واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پيش ڪري رهيا آهيون. ليکڪ برگيڊيئر جنرل مارڪ ڪِمِٽ (رٽائرڊ) وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ اڳوڻو ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف ڊفينس ۽ سياسي-فوجي معاملن لاءِ اڳوڻو اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ آهي.)










