خدا جي وجود تي بحث بعد جاويد اختر تي ٿيندڙ تنقيد

خدا جي وجود تي بحث بعد جاويد اختر تي ٿيندڙ تنقيد

صدين کان انسانن جي وچ ۾ هلندڙ سڀ کان وڏن بحثن مان هڪ خدا جي وجود بابت رهيو آهي ته ڇا اهڙي ڪا هستي واقعي موجود آهي يا اها رڳو اسان جي ذهن جي ايجاد آهي، جيڪا اسان ڏکين حالتن ۾ پاڻ کي آسرو ڏيڻ لاءِ پيدا ڪئي آهي.
ڇنڇر جي ڏينهن ان ئي حوالي سان انڊيا جي گادي واري شهر ۾ هڪ مناظري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو عنوان هو: “ڇا خدا جو وجود آهي؟”
هن مناظري ۾ انڊيا جي مذهبي عالم ۽ وحين فائونڊيشن جي باني مفتي شمائل ندوي ۽ بالي ووڊ جو مشهور گيتڪار ۽ ليکڪ جاويد اختر آمهون سامهون هئا.
جاويد اختر کي انڊيا جي اهم دانشورن ۾ به ڳڻيو وڃي ٿو، ۽ هو مختلف پليٽ فارمن تي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته هو خدا ۽ ڪنهن به مذهب تي يقين نٿا رکن.
هن مناظري جي ميزباني انڊين صحافي ۽ للَن ٽاپ ويب سائيٽ جي ايڊيٽر سورڀ ديويدي ڪئي.
هن مناظري جو بنياد ڪيترائي مهينا اڳ ان وقت پيو، جڏهن هن سال سيپٽمبر ۾ انڊيا جي رياست اولهه بنگال جي اردو اڪيڊمي جاويد اختر جي هڪ سيمينار ۾ شرڪت خلاف ڪجهه سخت گير مسلم تنظيمن جي احتجاج ۽ مبينا ڌمڪين کان پوءِ پنهنجو چار ڏينهن وارو ادبي پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو هو.
جاويد اختر جي مخالفت ڪندڙ مسلم تنظيمن ۾ مفتي شمائل ندوي جي تنظيم وحين فائونڊيشن به شامل هئي.
مفتي شمائل ندوي دعويٰ ڪئي هئي ته سندن تنظيم جاويد اختر جي مخالفت سندن مبينا تڪراري مذهبي خيالن ۽ مذهب بابت مبينا توهين آميز بيانن سبب ڪئي، ڇاڪاڻ⁠ته جاويد اختر جي خيالن سان مسلمانن جي عقيدن جي توهين ٿئي ٿي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وحين فائونڊيشن پروگرام رد ڪرائڻ لاءِ اڪيڊمي تي ڪو دٻاءُ ناهي وڌو. مفتي شمائل ندوي موجب، سندن تنظيم جاويد اختر جي ڪولڪتا آمد جو خيرمقدم ڪيو هو ۽ کين مذاڪري جي دعوت به ڏني هئي.
ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندڙ مناظري دوران هڪ موقعي تي جاويد اختر، تازين جنگي حالتن ۾ غزا ۾ هزارين ٻارن جي موت جو حوالو ڏيندي سوال اٿاريو ته جيڪڏهن خدا موجود آهي ته پوءِ هو هن ظلم کي ڇو نٿو روڪي؟
مباحثي جي شروعات ۾ پنهنجو خيال پيش ڪندي هن چيو ته بحث خاطر جيڪڏهن اهو مڃي به وٺجي ته خدا واقعي موجود آهي، ته جڏهن هو دنيا جي حالت ڏسي ٿو ته سندن دل ۾ خدا لاءِ ڪو به جذبو پيدا نٿو ٿئي.
هن چيو: “تون قادرِ مطلق آهين، هر هنڌ موجود آهين، تون غزا ۾ به موجود هئين، تون هر جاءِ تي آهين، تون ڏسي رهيو هئين ته ٻارن جون ڪيئن ڌڄيون اڏامي رهيون آهن، تون ڏسي رهيو هئين، پوءِ تون چاهين ٿو ته مان تنهنجي پوڄا ڪريان، ڀلي تون موجود به هجين؟”
هن وڌيڪ چيو: “يار، ان کان ته اسان جا وزيراعظم به سٺا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه خيال ته ڪن ٿا.” جاويد اختر جو چوڻ هو ته هي دنيا ظلم، ناانصافي، جبر ۽ تشدد سان ڀريل آهي.
هن وڌيڪ چيو: “اوهان اهو نه چوندا ته هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن حساب وٺندو؛ جيڪڏهن هو ڏسي رهيو آهي ۽ مداخلت نٿو ڪري ته پوءِ اوهين دعا ڇو ٿا گهرو؟”
جاويد اختر پنهنجا دليل جاري رکندي چيو: “جڏهن خدا اوهان کي نوڪري ڏياري سگهي ٿو، ڇوڪري جي شادي ڪرائي سگهي ٿو، پٽ کي گرين ڪارڊ ڏياري سگهي ٿو، ته گهٽ ۾ گهٽ اهي ٻار جيڪي مري رهيا آهن، اهو قتل عام ته روڪي.”
سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو جاويد اختر جي هن ڳالهه جا ڪلپ شيئر ڪري مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن.
پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سمجهوتو ڪندڙ لبرل، هندو توا حڪومت واري انڊيا ۾ پنهنجي وجود جو جواز پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جتي ماڻهو کين گهر ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن.
ايڪس (ٽوئيٽر) تي هڪ صارف لکي ٿي ته جاويد اختر پاڻ کي تمام گهڻو پڙهيل لکيل ظاهر ڪن ٿا، پر لڳي ٿو ته ڄڻ الحاد تي ڏهين جماعت جي ٻار جو لکيل پيپر پڙهيو هجي، ان کي ئي پنهنجي سڄي شخصيت بڻائي ڇڏيو آهي.
پاڪستاني صحافي سهيل رشيد لکي ٿو ته: “جيڪڏهن مقابلو مذهب سان ئي ڪرڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تياري برابر هجي. ‘خدا آهي ته جهرڪي پياسي ڇوٿي مري؟ ڪتو مينهن ۾ ڇو ٿو پسي؟ ڪنهن ماڻهو خودڪشي ڇو ڪئي؟’ جهڙا سوال هر حساس دل لاءِ مسئلو ٿي سگهن ٿا، پر خدا جي وجود جي انڪار لاءِ اهي دليل رڳو ڪاليج جي پهرين سال جي ڪنهن ملحد کي ئي قبول ٿيندا، ڪنهن پختي يا سنجيده ذهن کي نه.”
جتي سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو جاويد اختر تي تنقيد ڪندي نظر آيا، اتي ڪجهه ماڻهو سندس حمايت ۾ به آواز اٿاريندي نظر آيا.
ڊاڪٽر شيتل يادَو نالي هڪ صارف لکي ٿي: “جيڪڏهن دنيا ۾ جاويد اختر جهڙا هزارين ماڻهو هجن ها ته سڀني مذهبن جون سڀ خرابيون ختم ٿي وڃن ها.”
مباحثي دوران هڪ موقعي تي مفتي شمائل ندوي، جاويد اختر جي ان دليل جي جواب ۾—ته اڪثريت ئي صحيح ۽ غلط جو فيصلو ڪندي—سوال ڪيو ته ڇا نازي جرمني ۾ اڪثريت طرفان نسل ڪشي جي حمايت کي صحيح مڃيندا؟
ان جي جواب ۾ جاويد اختر چيو ته سوال اهو آهي ته ان وقت دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو هٽلر کي صحيح سمجهندا هئا؟
مفتي شمائل ندوي چيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا جي اڪثريت فيصلو ڪندي، نه ته ڪنهن هڪ سماج جي. دنيا جي اڪثريت خدا جي وجود تي يقين رکي ٿي، ته پوءِ اوهين ڇو نٿا رکو؟
اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي موقعي تي جاويد اختر چيو ته جيڪڏهن خدا واقعي موجود آهي ته مذهبي ڪتابن ۾ ڊائنوسارز جو ذڪر ڇو ناهي؟ ان تي مفتي شمائل ندوي چيو ته پوءِ ته رياضي جي ڪتابن ۾ به ڊائنوسارز جو ذڪر ناهي، ڇا اهي به فضول آهن؟
ٻئي پاسي ڪيترائي ماڻهو مفتي شمائل طرفان پيش ڪيل دليلن تي به سوال اٿاريندي نظر آيا. ايڪس تي هڪ صارف لکيو ته جاويد اختر جي سڄي بحث “آرگيومنٽ آف ايول” يعني خدا جي موجودگي هوندي به دنيا ۾ برائيءَ جي موجودگي واري دليل تي بيٺل هئي.
سندس چوڻ هو ته مفتي شمائل ندوي ان جي جواب ۾ اهي ئي روايتي ۽ مضحڪه خيز جواب ڏنا ته خدا برائي پيدا ڪري ۽ اسان کي آزاد اختيار ڏئي اسان جو امتحان وٺي رهيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ته برائيءَ کان سواءِ ڀلائيءَ جو تصور ممڪن ناهي.
پر صارف موجب، جاويد اختر ان “بي تڪي وضاحت” کي صحيح نموني چيلينج نه ڪري سگهيو ته خدا، جيڪو ازلي آهي ۽ هر شيءِ تي قادر آهي، ان کي اسان جو امتحان وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ۽ هڪ ٻار امتحان ڇو ڏئي رهيو آهي؟
راجيو ڌونڊيال نالي صارف لکي ٿو ته جاويد اختر جي سوالن جي جواب ۾ مفتي صاحب وٽ رڳو عقيدا هئا، ڪو واضح جواب يا حقيقتون نه هيون. “جاويد اختر منطق، دليل ۽ بي خوف سوچ جي واضح آواز طور سامهون آيو.”
“هي مباحثو هڪ سنگِ ميل آهي”
مباحثي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتي شمائل ندوي چيو: “اسان جي ملڪ جا حالتون توهان ڄاڻو ٿا، اهڙين حالتن ۾ پيار ۽ محبت سان ويهي تعليمي انداز ۾ بحث ڪرڻ، منهنجي خيال ۾، هڪ سنگِ ميل آهي.” هن چيو ته هو ان لاءِ جاويد اختر ۽ سندن ٽيم جي ساراهه ڪرڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته مختلف خيالن جا حامي ماڻهو جهيڙي ۽ تڪرار بدران گڏ ويهي، ڪافي پيئندي ڳالهه ٻولهه ڪن.
“توهان پنهنجي ڳالهه ثابت ڪريو، اسين پنهنجي ڳالهه ثابت ڪريون، ۽ ماڻهن کي فيصلو ڪرڻ ڏيو.”
(نوٽ هي رپورٽ بي بي سي تي شايع ٿي جيڪا اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيس ڪريون ٿا.)

پهنجو تبصرو موڪليو