ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روسي صدر پيوٽن چيو آهي ته جيڪڏهن يورپ جنگ ۾ وڃڻ چاهي ٿو ته روس به تيار آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن يورپي اڳواڻن تي الزام لڳايو آهي ته اهي اڳ ۾ يوڪرين تي ڳالهين کان الڳ رهيا هئا ۽ هاڻي يوڪرين تي ممڪن معاهدي کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، روسي صدر اهو آمريڪي خاص نمائندي سان ملاقات کان اڳ چيو، هن چيو ته مون سوين ڀيرا چيو آهي ته اسان جو يورپ سان جنگ ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي پر جيڪڏهن اهو يورپي اڳواڻ چاهين ٿا، ته اسان جنگ لاءِ تيار آهيون، روسي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن يورپي حڪومتون سفارتڪاري ڏانهن واپس اچن ٿيون ۽ ڳالهين جو حصو بڻجن ٿيون، ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي ڇو ته اهو انهن کي زميني صورتحال جي صحيح سمجهه ڏيندو.










