ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي قمر نواب ڪانڌڙو بيماري سان ڊگهي جهيڙيندي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ مرحوم ڪجهه ڏينهن کان ڊائو ميڊيڪل اوجھا اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي مناسب سهولتن جي کوٽ، سرڪاري بي حسي ۽ صحافتي تنظيمن جي لاتعلقي سبب هو سخت تڪليفن مان گذرندو رهيو ۽ آخرڪار حياتي جي جنگ هارائي ويٺو۔ قمرنواب ڪانڌڙو نصير آباد جي شھر سان تعلق رکندڙ هئو ۽ ڪراچي ۾ مختلف اخبارن جي ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪورنگي ۽ سچل ڳوٺ ۾ به صحافت ڪئي، جتي هن هر مسئلي کي بنا ڊپ اجاگر ڪيو ۽ غريبن ۽ مظلومن جي حقن لاءِ بيباڪ آواز رهيو۔ قمر نواب ڪانڌڙو جي اوچتي وفات تي سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو۔ سياسي اڳواڻن سندس صحافتي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هو هميشه عوام جي خدمت ۽ انصاف لاءِ سرگرم رهيو۔ سماجي اڳواڻن چيو ته سندس وڇوڙي سان سماج هڪ سچو، بي خوف ۽ اصولن تي هلندڙ صحافي وڃائي ڇڏيو۔ صحافتي برادري گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته قمر ڪانڌڙو بااصول، بيباک ۽ ايماندار صحافي هو، جنهن جو خالي ٿيل جاءِ ڪڏهن به نه ڀري سگهندي۔ مرحوم جي دوستن ۽ هم منصبن سرڪاري سطح تي صحافين لاءِ علاج جون بهتر سهولتون مهيا نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته مستقبل ۾ صحافتي برادري لاءِ مناسب صحت جا سهولتي نظام قائم ڪيا وڃن۔ الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ لواحقين کي صبر جميل عطا ڪري۔










