ٽي ملڪي سيريز، زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست

ٽي ملڪي سيريز، زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز ۾ زمبابوي کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي،راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسون ٺاهيون.بابر اعظم ۽ صاحبزاده فرحان ترتيب وار 74 ۽ 63 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.196 رنسن جي هدف جي پويان زمبابوي جي ٽيم 126 رنسن تي ڍير ٿي وئي.زمبابوي جي ريان بريل ڪجهه مزاحمت سان اڌ سينچري اسڪور ڪئي.پاڪستان جي عثمان طارق هيٽ ٽرڪ سميت 4 وڪيٽون ورتيون. محمد نواز ٻه وڪيٽون ورتيون.زمبابوي خلاف ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ٻہ تبديليون ڪيون ويون آهن، عثمان طارق ۽ نسيم شاهه کي پليئنگ يارهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سلمان مرزا ۽ ابرار احمد کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو