اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل کي متفقه طور تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۽ ججز ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي.27 هين آئيني ترميم تحت جوڊيشل ڪميشن ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت جسٽس جمال مندوخيل کي متفقه طور تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس جمال مندوخيل کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ججز ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو آهي.اعلان موجب جسٽس جمال مندوخيل کي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس پاران متفقه طور تي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس عامر فاروق کي متفقه طور تي عدالتي ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي.جسٽس عامر فاروق کي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس پاران پڻ متفقه طور تي نامزد ڪيو ويو.










