بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني اڳواڻ شي جن پنگ جمعي ڏينهن چين ۽ ٿائيلينڊ جي سفارتي لاڳاپن جا 50 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي، چين پهچندڙ ٿائيلينڊ جي بادشاهه جي شاهي انداز ۾ وڏي شان سان آجيان ڪئي. ان موقعي تي پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪندڙ ٿائي بادشاهه چيو ته چين اسانجو دوست پاڙيسري ۽ ڀروسي مند معاشي ساٿي آهي. ٿائيلينڊ جي بادشاهه مها وجيرالونگ ڪورن ۽ راڻي سوٿيدا جي آمد، ۽ ان کان اڳ هن هفتي اسپين جي بادشاهه فليپي ڇهون ۽ راڻي ليتيزيا جي دوري کي چيني ميڊيا ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، ۽ ٻين ملڪن لاءِ اهو پيغام قرار ڏنو آهي ته چين هڪ اعتبار جوڳو ملڪ آهي، جيڪو هن سال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وڌايل ٽريفز ۽ معاشي تڪرارن جي ابتريءَ جي ابتڙ آهي. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ان وقت کان گهڻو بدلجي چڪا آهن، جڏهن ٿائيلينڊ ڪولڊ وار دوران آمريڪا جو ساٿي هو ۽ ڪميونزم خلاف چين کي خطرو سمجهندو هو. وجيرالونگ ڪورن 1987ع ۾ ولي عهد طور پنهنجي والد جي چوڻ تي هڪ ڀيرو چين آيو هو، پر سندس والد ڪيترا ڀيرا دعوتن جي باوجود ڪڏهن چين نه آيو. 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي وڌندڙ لاڳاپن سبب. چين ٿائيلينڊ جي سياحت واري شعبي لاءِ سڀ کان وڏو ذريعو آهي، ۽ گاڏين سميت ڪيترن ئي صنعتن ۾ وڏو سيڙپڪار آهي. گذريل سال ٿائيلينڊ چين کان 80 ارب ڊالرن جو سامان خريد ڪيو هو. چين جي خابرو ايجنسي شنوا موجب شي جن پنگ، وجيرالونگ ڪورن سان ملاقات دوران چيو ته چين تيار آهي ته ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط ڪري ۽ اهم منصوبن تي گڏجي ڪم وڌائي، جن ۾ ٻنهي ملڪن کي ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبو به شامل آهي. شي جن پنگ واپار جي معاملي تي به ڳالهايو، خاص طور تي ٿائيلينڊ جي زرعي شين جي چين ڏانهن برآمد وڌائڻ بابت. شنوا ٻنهي ملڪن جي هزارين سالن پراڻن واپاري لاڳاپن کي مستقبل جي مضبوط سفارتي لاڳاپن جي بنياد طور پيش ڪيو. “اولهه جا طاقتور ملڪ جڏهن وڏي پيماني تي نه پهتا هئا، تڏهن به ٿائيلينڊ جو گهڻو ڪري پرڏيهي واپار چين سان ئي هوندو هو”، شنوا خميس ڏينهن چيو هو ته ٿائلينڊ جي چانورن، مصالحن ۽ ٽن جي ڌات جي مقابلي ۾ چين جي چيني مٽيءَ جي برتنن، ريشم، چانهه ۽ لوهه جي سامان جو ذڪر ڪيو. سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کان ڪجهه سال اڳ، ٿائيلينڊ چين ۾ هڪ ٽيبل ٽينس ٽيم به موڪلي هئي، ۽ بيجنگ 1974ع ۾ ٿائيلينڊ کي معاشي ڏکيائين مان نڪرڻ لاءِ خام تيل پڻ فراهم ڪيو هو.










