ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا کي ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي بي هوش ٿيڻ کان پوءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 61 سالن جي گووندا گذريل رات پنهنجي گهر ۾ اوچتو بيمار ٿي پيو، جنهن کان پوءِ کيس جوهو ۾ ڪرٽيڪل ڪيئر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.گووندا جي ڊگهي عرصي جي دوست ۽ قانوني صلاحڪار لليت بندل ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته ‘گذريل رات کيس اطلاع ڏنو ويو ته گووندا پنهنجي گهر ۾ بي هوش ٿي ويو آهي. گووندا جي حالت اوچتو خراب ٿيڻ کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان دوران ڪجهه ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا، جن جي نتيجن جو انتظار آهي.’










