آڪٽوبر ۾ پرڏيهي ذخيرن ۾ 759.3 ملين ڊالر جو اضافو

آڪٽوبر ۾ پرڏيهي ذخيرن ۾ 759.3 ملين ڊالر جو اضافو

ڪراچي اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان چيو آهي ته ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ آڪٽوبر ۾ 759.3 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته 31 آڪٽوبر تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 24.0 ملين ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي. مرڪزي بينڪ چيو آهي ته 31 آڪٽوبر تائين ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 19.66 بلين ڊالر جي گهٽتائي رهي، جنهن سان اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 31.2 ملين ڊالر جي واڌ سان 14.50 بلين ڊالر ٿي ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته ڪمرشل بينڪن جا ذخيرا 55.2 ملين ڊالر جي گهٽتائي سان 5.16 بلين ڊالر ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو