شجاع نواز جي ڪتاب جي مهورتي تقريب فوج ڇو روڪي؟

شجاع نواز جي ڪتاب جي مهورتي تقريب فوج ڇو روڪي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شجاع نواز جو ڪتاب “دي بيٽل فار پاڪستان” جي هلندڙ مهيني ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ رٿيل مهورتي تقريب عين وقت تي مبينه طور پاڪستاني فوج ملتوي ڪرائي ڇڏي. شجاع نواز اڳوڻي آرمي چيف جنرل آصف نواز جو ڀاءَ آهي ۽ سائوٿ ايشيا سينٽر جيڪو امريڪي ٿنڪ ٽئنڪ سان سلهاڙيل آهي، ان ۾ ڪم ڪندو آهي. تنهن 24 ڊسمبر تي فيس بوڪ تي چيو ته ڪافي دوست پڇن ٿا ته تقريب ڇو ملتوي ٿي ۽ ڪنهن ڪرائي ته انهن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته آرگنائيزرز کيس ٻڌايو آهي ته فوج ملتوي ڪرائي آهي. اڳ ۾ مونکي چيو ويو ته ملتوي ڪريو انڪار ڪرڻ بعد هنن پاڻ ڪرائي ڇڏي ۽ بهتر آهي ته ان بابت فوج کان پڇو وڃي. سندس ڪتاب جو رويو خالد احمد فرائيڊي ٽائمز ۾ لکيو آهي.

جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته ڪتاب 2008 کان وٺي پاڪستان ۽ آمريڪي تعلقات ۾ هيٺ مٿانهين ۽ انکي مستقبل ۾ بهتر ڪرڻ بابت فوڪس آهي. بي بي سي به ڪتاب بابت استوري شايع ڪئي آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2014 ۾ عمران خان جي ڌرڻي جي تڏهوڪو آءِ ايس آءِ جو چيف ليفٽيننت جنل ظهير الاسلام حمايت ڪري پيو  ۽ هن ڪجهه ڪور ڪمانڊرز سان به ڳالهايو هو . شجاع نواز لکيو آهي ته ان وقت آمريڪي سفير رچرڊ اولسن کيس ٻڌايو ته جنرل ظهير حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي پيو پر جنرل راحيل شريف کيس روڪي ڇڏيو ۽ عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. ڪتاب ۾ شجاع نواز اسامه بن لادن بابت هڪ پورو باب شامل ڪيو آهي “تورا بورا کان پٺاڻ گلي تائين”. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته اسامه بن لادن کي گرفتار ڪرائڻ ۾ پاڪستان فوج جي ڪيترن آفيسرن آمريڪي عملدارن جي مدد ڪئي. انهن ۾ اهم ڪردار انٽيلي جنس سروس جو ريٽائرڊ ليفٽيننٽ ڪرنل اقبال سعيد خان جو هو. جنهن کي فوج مان ڪرنسي ڪيس ۾ قبل از وقت رٽائر ڪيو ويو هو ۽ هن سيڪورٽي ڪمپني قائم ڪئي هئي. هو ملٽري انٽيليجنس ۾ به رهيو هو ۽ فوج ۾ کيس اڪثر ٻيلي سڏيندا هئا. شجاع نواز لکيو آهي ته هن ايبٽ آباد ۾ جيڪا آفيس کولي هئي اها آمريڪي استعمال ڪندا هئا. ايبٽ آباد آپريشن کان هڪدم پوءِ هو ملڪ ڇڏي آمريڪا هليو ويو. ڊفينس هائوسنگ وارو گهر ۽ ٻئي گهراوري جيڪا بيمار هئي ان باوجود به فور ملڪ ڇڏي ويو ۽ سندس سيڪورٽي ڪمپني جي مئنيجر بعد ۾ اهو گهر کپايو هو. جيڪو هن وقت سان ڊياگو ۾ پنهنجي 24 لک ڊالر جي حويلي ۾ رهي ٿو ۽ وٽس سفيد رنگ جي بي ايم ڊبليو ڪار به آهي.

ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي گهر جو نقشو

ڪتاب ۾ هن لکيو آهي ته اسامه بن لادن 6 سال ايبٽ آباد واري گهر ۾ رهيو، پلاٽ ارشد خان نالي پٺاڻ 7 ڪنال 5 مرلن جو پلاٽ 2004 ۾ 50 لک ۾ خريد ڪيو جيڪو مارڪيٽ قيمت کان 25 سيڪڙو وڌيڪ هو. ان جو نقشو اسامه بن لادن پاڻ ٺاهيو هو جيڪو گهر اندر هڪ گهر هو جتي هو پنهنجي زالن ۽ 16 ٻارن سان گڏ رهندو هو. ارشد خان بعد ۾ آمريڪي حملي ۾ مارجي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو