ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت اهڙو حڪم آچر ڏينهن جسماني رمانڊ لاءِ ٻنهي ڄڻن کي پيش ڪرڻ وقت ڏنو. عدالت پوليس پاران جوابدارن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ٻنهي نوجوانن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ٻنهي نوجوانن جي وڪيل جو چوڻ هو ته غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي خلاف ڪيس ڪوڙا آهن، ٻنهي نوجوانن کي 28 آڪٽوبر تي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيو ويو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ڪراچي مبينا طور کنڀجي ويل شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي. سي ٽي ڊي طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڳجهي اطلاع تي مڇر ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري ايس آر اي جي گهربل دهشتگردن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي گرفتار ڪيو آهي.،ھوڏانھن عدالت حڪم باجود غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو ۽انھن کي آزاد نھ ڪيو ويو،کين ٻيھر گم ڪيو ويو ، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو تھ ڪورٽ آرڊر باوجود غني ۽ سرمد کي نہ ڇڏڻ انتهائي غير قانوني حرڪت آهي جنهن جي مذمت ٿو ڪريان جامي چانڊيو چيو تھ عدالتي حڪم ۽ سنڌ جي متفقہ سماجي مزاحمتي آواز جي باوجود پرامن سياسي ڪارڪن غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي وري غائب ڪرڻ رياستي دهشتگردي آهي. ملڪ جا سڀ ضمير وارا ماڻهو آواز اُٿارين، سنڌو امان چانڊيو چيو تھ عدالت طرفان شاگرد اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود، ظاهر ڪرڻ کان پوءِ ڪسٽڊي ۾ وٺڻ بعد ٻنهي کي گم ڪيو ويو آهي.










