اڄ جا والدين ٻارن کي ڪٽي  نٿا ڪري سگهن: صديقي

اڄ جا والدين ٻارن کي ڪٽي نٿا ڪري سگهن: صديقي

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار عدنان صديقي جو چوڻ آهي ته اسان جي زماني ۾ والدين پنهنجن ٻارن کي ڪٽيندا هئا، پر اڄ والدين پنهنجن ٻارن تي هٿ نٿا سگهن،تازو، اداڪار هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ننڍپڻ جي ياد تازي ڪئي ۽ ٻارن جي پرورش تي پنهنجا خيال پڻ ظاهر ڪيا.انٽرويو دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي، هن ڪجهه عادتن جو ذڪر ڪيو جيڪي هن پنهنجي پيءُ کان ٻارن جي پرورش دوران اختيار ڪيون هيون.هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته ٻار وقت تي سمهن، ٻاهر جو کاڌو نه کائين يا گهٽ کائين. هڪ وقت هو جڏهن منهنجو پيءُ به مون کي اهي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو هو ۽ هاڻي مان پنهنجن ٻارن کي منع ڪريان ٿو ته جيئن انهن ۾ نظم و ضبط برقرار رهي.هن چيو ته اسان جو پيءُ نه رڳو منع ڪندو هو پر انهن کي ڪٽيندو به هو. اسان جي زماني ۾ والدين پنهنجن ٻارن کي ماريندا هئا، پر اڄ ائين ناهي. اڄ، توهان پنهنجي ٻارن کي نه ٿا ماري سگهو ۽ نه ئي مارڻ گهرجي ڇو ته اڄ جا ٻار اهو برداشت نٿا ڪري سگهن.عدنان صديقي جو چوڻ آهي ته ٻارن کي سيکارڻ ٺيڪ آهي، پر انهن کي مارڻ ٺيڪ ناهي. ٻارن کي ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي پنهنجي والدين سان ڪنهن ڳالهه بابت ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ته اهي ڪجهه غلط ڪري رهيا آهن، پنهنجي والدين کان شيون نه لڪايو.هن اهو به چيو ته اسان جي دور ۾، ٻارن ۽ والدين جي وچ ۾ فاصلو هوندو هو، ڪو به رابطو نه هوندو هو، پر اڄ جا ٻار پنهنجي والدين سان کليل ڳالهائيندا آهن ۽ اسان وقت سان گڏ اهو به سکيو آهي ته ڳالهائڻ مارڻ کان وڌيڪ اهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو