اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2.43 رپيا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3.2 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي،نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2.43 رپيا واڌ ٿي 265.45 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 278.44 رپيا في ليٽر هوندي.ٻين ذريعن موجب، مٽيءَ جي تيل ۾ 3.34 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ مٽيءَ جي تيل جي نئين قيمت 185.5 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.هلڪي ڊيزل جي تيل جي قيمت ۾ 1.22 رپيا واڌ کانپوءِ 163.98 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا.










