اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافي جون درخواستون اوگرا ۾ داخل ڪيون ويون آهن.سوئي ڪمپنين گيس ٽيرف ۾ 28.62 سيڪڙو تائين اضافو گهري ورتو، اوگرا گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي سوئي ناردرن جي درخواست تي 7 نومبر ۽ سوئي سدرن جي درخواست تي 11 نومبر تي ڌار ڌار ٻڌڻي ڪندي.ايس ايس جي سي ايل سنڌ ۽ بلوچستان جي لاءِ گيس ٽيرف ۾ گذريل سال جي بقايات شامل ڪري گڏيل طور تي گيس ٽيرف ۾ تقريبن 22 سيڪڙو جي اضافي جي درخواست ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايس اين جي پي ايل اسلام آباد سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي لاءِ گيس ٽيرف ۾ 28.62 سيڪڙو اضافي جي درخواست ڪئي آهي.سوئي ناردرن گيس ٽيرف ۾ 189 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو جو اضافو گهريو آهي جڏهن ته 316 روپيه 64 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو ڪاسٽ آف ايل اين جي سروس جي مد ۾ به گهريو ويو آهي.










