جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي جج نه هجڻ سبب ملتوي

جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي جج نه هجڻ سبب ملتوي

نوشهروفيروز ( رپورٽ اسد علي عمراڻي )اڳوڻي وفاقي وزي جي ڊي اڳوڻ غلام مرتضي جتوئي ۽سندس ڀاء مسرور جتوئي جي مورو ۽ دادو ۾ داخل پنجن ڪيسن جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ جو جج نه ھئڻ سبب عدالت پاران ملتوي ڪئي وئي، جن مان ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي 14 نومبر ۽ ٻه ڪيسن جي ٻڌڻي 19 نومبر تي رکي وئي۔ڪورٽ کان ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳوڻي وفاقي وزير مرتضیٰ جتوئي چيو ته “مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن سان به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، هتي ڪوبه محفوظ ناهي۔ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، پوءِ اهو ايم اين اي هجي، وزير هجي، خان هجي يا قبائلي سردار — سڀ غير محفوظ آهن۔” مرتضیٰ جتوئي وڌيڪ چيو ته “مون تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، ٻن سالن کان مون کي ڪڏهن سائڪل چور، ڪڏهن ٻڪري چور، ته ڪڏهن پوليس سان مقابلي ۾ ملوث ظاهر ڪيو ويو آهي۔ ڪو به ماڻهو ڪنهن تي به ڪيس داخل ڪري سگهي ٿو، سياست کي ذاتي دشمني ۾ نه بدلائجي۔”هن چيو ته “مان ايم اين اي ذوالفقار بهڻ وٽ صرف سياسي رواداري جي بنياد تي ويو هئس، حاجي رحمت الله بهڻ سان اسان جي وڏن جو پراڻو تعلق رهيو آهي ۽ اسان پڻ سماجي لاڳاپا رکڻ وارا ماڻهو آهيون۔ مرتضیٰ جتوئي جو چوڻ هو ته “اسان تي داخل ٿيل ٻن ڪوڙن ڪيسن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، باقي جيڪي ڪيس رهيل آهن، اهي به ڪوڙا آهن ۽ جلد ختم ٿي ويندا۔”

پهنجو تبصرو موڪليو