واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن هندستاني وزيراعظم نريندر مودي سان ڳالهايو آهي ۽ کيس پاڪستان سان جنگ کان بچڻ جي ترغيب ڏني آهي، عرب نيوز جي مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ۾ اوول آفيس ۾ ديوالي جي تقريب کي خطاب ڪندي اهو چيو جنهن ۾ هندستاني نسل جي ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ايٽمي هٿيارن سان مسلح هندستان ۽ پاڪستان 10 مئي تي هڪ معاهدو ڪيو جنهن جي تحت ٻنهي ملڪن زمين، هوائي ۽ سمنڊ ۾ سڀئي فوجي آپريشن بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، هي جنگ بندي صدر ٽرمپ پاران اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن کي خطرو ڪندڙ تڪرار کي نه وڌائڻ جو واعدو ڪيو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي مختصر پر شديد جھڙپن ۾ جنگي جهازن، ڊرونز، ميزائلن ۽ توپخاني جو استعمال شامل هو، جنهن جي نتيجي ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن تي لڳ ڀڳ 70 جانيون ضايع ٿيون، ٽرمپ اوول آفيس جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته “مون اڄ توهان جي وزيراعظم سان ڳالهايو، اسان تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان واپار بابت ڳالهايو ۽ مون اهو پڻ چيو ته پاڪستان سان جنگ نه ٿيڻ گهرجي، هاڻي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪا به جنگ ناهي، جيڪا هڪ تمام سٺي ڳالهه آهي، ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته هندستاني وزيراعظم کيس يقين ڏياريو آهي ته نئين دهلي روس کان “تمام گهڻو تيل” نه خريد ڪندو، هڪ مسئلو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار جو هڪ ٻيو نقطو بڻجي چڪو آهي.










