ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سموري دنيا ۾ رهندڙ هندو برادري اڄ ڏياري جو تهوار مذهبي جوش، جذبي سان ملهائي رهي آهي. ڏياري جي موقعي تي مندرن ۾ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي، انهي ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ هندو برادري ڀڳوان رام جي واپسي جي ياد ۾ پنهنجي مذهبي رسمن جي لاءِ ڏيئا به ٻاريندي آهي. اهو تهوار شري رام چندر جي قربانين کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ملهايو ويندو آهي جنهن تقريبن 14 سال جهنگ ۾ گذاريا ۽ هندو مذهب جي تبليغ ڪئي.










